
لاڑکانہ رپورٹ عاشق پٹھان اٽلي جو 12 ڄڻن تي پرڏيهي وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو،پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي.
جڏھن ته اٽvلي جو پرڏيهي وفد ڊي ڪي ايريا،ايڇ آر،اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا.پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙو جي ڪيوريٽر احسان عباسي ويلڪم ڪيو.وفد کي اٽلي جي وفد ۾ شامل گائيڊ آثارن بابت بريفنگ ڏني.اٽلي جي







وفد پاران پاڪستان زنده آباد جا نعره هنيا.ھوڏانهن اٽلي جي وفد جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو..هنن چيو ته هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو.سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.
https://www.youtube.com/watch?v=5uur1wv4yi


