سنڌ حڪومت ۽ جانورن جي پالنا کاتي سنڌ پاران ڪراچي ۾ سنڌ جي سٺي نسل جي جانورن جو 3 ڏينھن وارو ميلو 17 کان 19 جنوري 2025 تائين لڳايو پيو وڃي، جنھن جون تياريون پڻ مڪمل ڪيو ويون آھن،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) سنڌ حڪومت ۽ جانورن جي پالنا کاتي سنڌ پاران ڪراچي ۾ سنڌ جي سٺي نسل جي جانورن جو 3 ڏينھن وارو ميلو 17 کان 19 جنوري 2025 تائين لڳايو پيو وڃي، جنھن جون تياريون پڻ مڪمل ڪيو ويون آھن، ان سلسلي ۾ جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض احمد وڳڻ ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ سنڌ حڪومت، جانورن جي پالنا کاتي سنڌ پاران جانورن جو ٽن ڏينھن وارو ميلو ڪراچي ۾ لائيواسٽاڪ ۽ فشريز کاتي سنڌ جي صوبائي وزير رئيس محمد علي ملڪاڻي، سيڪريٽري لائيواسٽاڪ ۽ فشريز ڪاظم جتوئي، ڊي جي سياح نظير حسين ڪلھوڙو، ڊي جي لائيواسٽاڪ رفيق ميمڻ، خالد حسين جتوئي جي نگراني ۾ اڄ 17 جنوري کان 19 جنوري تائين ٿي رھيو اھي، جنھن ۾ پوري سنڌ مان سٺي نسل جي ڳارھي ڳئون، مينھون، رڍون، ٻڪريون، اٺ ۽ ٻيو چوپايو مال شامل ھوندو، جنھن جي نمائش ڪئي ويندي، جنھن ميلي جون تياريون مڪمل ٿي ويون اھن، جنھن ۾ سٺي نسل جا جانورن بہ پھچڻ شروع ٿي ويا آھن، ڊاڪٽر فياض وڳڻ چيو تہ ھي جانورن جو سنڌ ۾ وڏو ميلو آھي، جنھن ۾ پوري سنڌ کان سٺي نسل جا جانورن شامل ھوندا، جن جي نمائش ڪئي ويندي، جنھن ۾ سنڌ جي ماڻھن کي گھرجي تہ ڀرپور نموني شرڪت ڪري ھن ميلي کي ڪامياب ڪن. ھن چيو تہ ھن ميلي جو افتتاح 17 جنوري تي ڪيو ويندو. جانورن بہ اسانجي ثقافت جو حصو آھن.

اپنا تبصرہ بھیجیں