هيپاٽائٽس وگهي هر سال 8 لک ماڻهو موت جو کاڄ بڻجن ٿا: جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ هيپاٽائٽس مرض بابت آگاهي سيمينار

هيپاٽائٽس جي وڌندڙ پر رنڊ روڪ جوڳي وبا

پاڪستان ۾ ايڇ بي ايس اي جي (HBsAg) جي هاڪاري مريضن جو مجموعي انگ 2.5 سيڪڙو آهي. هيپاٽائيٽس بي 296 ملين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو جن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 6 ملين ٻار شامل آهن، اها ڳالهه ڊاڪٽر مريم وقاص جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (JSMU) جي وارڊ 7 ۾ جي پي ايم سي (JPMC) جي وارڊ 7 پاران ڪنٽينيوس ميڊيڪل ايجوڪيشن (CME-JSMU) جي سهڪار سان ڪوٺايل ”هيپاٽائيٽس بي کان نجات حاصل ڪريو“ جي موضوع تي سيمينار دوران چئي.
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (JPMC) ۾ ايس ايم سي، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (SMC-JSMU) جي پرنسپل ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ وارڊ 7 پروفيسر مسرور احمد ٻڌايو ته هيپاتائٽس بي وگهي ساليانو (جون 2022 تائين) 8 لک 20 هزار ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته هيپاٽائٽس مرض کان بچاءُ ممڪن آهي ۽ هن ويڪسينيشن جي اهميت کي به اجاڳر ڪيو.
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (JSMU) جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته هيپاٽائٽس جي شدت ۽ قسم مختلف ٿيندا آهن جن جي سڃاڻپ ۽ نگراني جي درسگتي هميشه الٽراسائونڊ اميجنگ ذريعي ممڪن نٿي ٿي سگهي. اهڙين حالتن ۾ سڃاڻپ جا متبادل طريقا ۽ محتاط علاج جا طريقا وڌيڪ اثرائتا ٿي سگهن ٿا.
ايس آءِ يو ٽي (SIUT) ۾ گيسٽرول اينٽولوجسٽ پروفيسر ناصر لڪ چيو ته هيپاٽائٽس ٿراپي جو بنيادي مقصد بقا ۽ زندگي جي معيار ٻنهي کي بهتر بڻائڻ، بيماري جي پکيڙ روڪڻ، ان جي واڌ ويجهه کي روڪڻ، جگر جي ڪينسر جي وکيڙ روڪڻ ۽ ڊگهي مدي وارا نتيجا حاصل ڪرڻ آهي. هن طريقي جو مقصد حالتن کي وڌيڪ اثرائتي نموني منهن ڏيڻ ۽ مريضن جي مجموعي صحتمندي وڌائڻ آهي.
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) عالمي هيپاٽائيٽس حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو مقصد 2030 تائين وائرل هيپاٽائيٽس کي عوام جي صحت جي خطري جي طور تي ختم ڪرڻ آهي. ان مقصد لاءِ هدف رکيو ويو آهي ته دائمي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي نون ڪيسن ۾ 90 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻجي جڏهن ته ايڇ بي وي (HBV) ۽ ايڇ سي وي (HCV) انفيڪشن وگهي موت جي شرح کي 65 سيڪڙو گهٽائجي.
ايسوسيئيٽ پروفيسر آف ميڊيسن جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (JSMU)، هيڊ آف ميڊيڪل يونٽ 4 ۽ ميڊيڪل انٽينسو ڪيئر يونٽ جي پي ايم سي (JPMC)، ڊاڪٽر ذيشان علي جوڻيجو چيو ته هيپاٽائٽس کير پياريندڙ عورتن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو. ڳورهارين عورتن کي هيپاٽائٽس بي جي اسڪريننگ ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ان مرض جي ٻارن ۾ منتقلي کي روڪي سگهجي. جيڪڏهن ضروري ويڪسينيشن ورتي وڃي ته هيپاٽائٽس بي ۾ مبتلا عورتن لاءِ عام طور تي ٻارن کي کير پيارڻ محفوظ هوندو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حمل سان هجڻ ۽ کير پيارڻ دوران هيپاٽائٽس جي مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙي مرض جي ماهرن سان مشورو ڪرڻ گهرجي.
مشهور گيسٽرو اينٽرولوجسٽ پروفيسر بدر فياض زبيري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان کان بچاءُ ضروري آهي. هن مطالبو ڪيو ته سمورن ميڊيڪل شاگردن ۽ هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي ويڪسين ضرور ڪرائي وڃي.
سيشن ۾ مقبول پروفيسر اقبال آفريدي، ڊائريڪٽر سي ايم اي (CME) ڊاڪٽر راحت ناز، ڊين فيڪلٽي آف بيسڪ ميڊيڪل سائنسز پروفيسر اظهر مغل ۽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (JSMU) جي ٻين فيڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي.
سيمينار کانسواءِ جي ايس ايم يو (JSMU) جي فيملي ميڊيسن، هيپاٽائيٽس جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول بابت پروگرام پروگرام (HPCP) ۽ سينٽيل سائٽ (وارڊ 7، جي پي ايم سي جي هڪ شروعات) جي سهڪار سان ڊاڪٽر مسرور احمد پرنسپال ايس ايم سي (SMC) ۽ ڊپارٽمينٽ هيڊ وارڊ 7 جي نگراني ۾ اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ ويڪسينيشن لاءِ هڪ ڪيمپ قائم ڪئي وئي جيڪا سڀني لاءِ کليل هئي.
ان موقعي تي ڪيترائي هيلٿ اسٽاف جا ماڻهو رجسٽرڊ ٿيا، هيپاٽائٽس بي ۽ سي جون ٽيسٽون ڪرايون ويون ۽ سندن ويڪسينيشن ڪئي وئي. ڪيمپ تي اهي سهولتون انچارج ايڇ پي سي پي (HPCP) ڊاڪٽر فريحا ڪامران ۽ هيڊ آف فيملي ميڊيسن ڊاڪٽر ڪرن عبدالستار ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں