عورتن جي حقن جي 12 گڏيل تنظيمن ۽ سڄي پاڪستان مان پنجن الائنسز تي مشتمل فيم ڪنسورشيم جي پهرين عالمي ڪانفرنس ڪراچي ۾ شروع ٿي وئي

ڪراچي (رپورٽر)عورتن جي حقن جي 12 گڏيل تنظيمن ۽ سڄي پاڪستان مان پنجن الائنسز تي مشتمل فيم ڪنسورشيم جي پهرين عالمي ڪانفرنس ڪراچي ۾ شروع ٿي وئي.افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي نائو ڪميونٽيز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، فيم ڪنسورشيم جي سيڪريٽري ۽ ڪانفرنس جي ڪنوينر فرحت پروين فيم ڪنسورشيم جي قيام کان وٺي اڄ تائين جي سفر جي وضاحت ڪئي. هن عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ اڳڀرائي ڪندڙن کي ساراهيو ۽ مرد اتحادين جي ڪردار کي تسليم ڪندي ان قسم جي سرگرمين جي واڌاري تي زور ڏنو.خيبرپختونخواهه جي محتسب رخشندا ناز تقرير ۾ بهادر عورتن جي ظالماڻي سماجي ريتن رسمن کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي بهادر عورتن کين پوئتي ڌڪڻ جي باوجود انهن رسمن کي مڪمل رد ڪيو.
ان کان علاه پروگرام ۾ ”سياست ۾ عورتن جو ڪردار“ جي عنوان سان هڪ تحقيقي پيپر پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ ڪيترن ئي عورتن جي ڪردار ۽ ڪاوشن بابت منفي خيالن ڪي رد ڪيو ويو.ڪانفرنس ۾ ذيشان نول جي لکيل پيپر تي مذاڪرو ڪيو ويو جنهن ۾ ممڪن الائنس جو سلمان عابد، سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي افطار مفتي ۽ سنڌ جي اڳوڻي ايم پي اي منگلا شرما روشني وڌي.
مقررين چيو ته عورتن پاران سياسي ميدان ۾ ترقي ڪئي وئي آهي، جتي انهن ڪافي شين ۾ اول نمبر پڻ حاصل ڪيا آهن. جيئن پهرين اسپيڪر، پرڏيهي وزير، وزيراعظم جو اعزاز حاصل ڪيو آهي ۽ عورتن جي پارلياماني ڪاڪس ۽ ڪيترن ئي عورتن دوست قانونن ۾ انهن پنهنجو ڪردار پڻ ادا ڪيو.ننڊڙين ٻارڙين بابت رابعه هادي جي لکيل پيپر تي بحث ڪيو ويو جنهن ۾ نوجوان ڇوڪرين کي درپيش سنگين خطرن ۽ انهن جي حقن جي ڪيترين ئي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. جيڪي انهن لاءِ جسماني، ذهني، جذباتي ۽ سماجي خطرن جو سبب بڻجن ٿا.سيشن جي پينلسٽس ۾ انڊس ريسورس سينٽر جي صادقه صلاح الدين، زندگي ٽرسٽ جي نسما اقبال، ساحل جي منيزا بانو ۽ روبيلا بنگش شامل هئا. انهن چيو ته مختلف نوعيت جا مسئلا اڃا درپيش آهن جيڪي هن وقت به انهن کي درپيش آهن. جيڪي هاڻي ختم نه ٿيا آهن بلڪي وڌي رهيا آهن.آخري نشست ۾ آڪسفيم پاڪستان جي عظميٰ زرين چونڊيل موضوعن تي تفصيلي تحقيق ۽ گفتگو جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پينلسٽن ۾ شيڊ جعفرآباد جي سجاد ابڙو، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل حارث خليق، عورت فائونڊيشن جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر مهناز رحمان، عورتن تي تشدد تي تحقيق ڪندڙ ساره زمان ۽ نفسيات جي ماهر آشا بيدار چيو ته عورتن کي جيڪي به مسئلا درپيش اچن ٿا اهي بيشتر انهن کي ڏنل ڪمن مان ئي جنم وٺن ٿا. ڇوڪرين ۽ عورتن کي حقن سان گڏ عورتن جي طور تي انهن کي تفويض ڪيل ڪردار کان هٽايو ويو آهي. عورتن جي اهميت سان لاڳاپيل مسئلا ۽ انهن جي چونڊ ظاهر ڪري ٿي ته پدرشاهي جوڙجڪ جي باوجود، ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرين کي پنهنجي مسئلن کي بيان ڪرڻ لاء شعور ۽ لفظ پڻ آهن. سياسي مصروفيتن جي ڪري مصروفيت جو طريقو به هاڻي بدلجي ويو آهي.اختتامي نشست ۽ سوالن جوابن جي سيشن ۾ نيشنل ڪميشن آف هيومن رائيٽس جي ميمبر پروفيسر فرخنده اورنگزيب تقرير ڪئي جيڪا بيجنگ پليٽ فارم فار ايڪشن آن وومين تي پاڪستان جي دستخط ڪندڙ پڻ آهي. پڄاڻي تی هڪ مشاعري سان ڪئي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي معروف شاعرن واضح فيمينسٽ موقف سان شرڪت ڪئي. جنهن جي صدارت نائو ڪميونٽيز جي سعديه بلوچ ڪئي ۽ صدارت تنوير انجم ڪئي. ڪانفرنس ۾ جن موضوعن تي تحقيقي مقالا پڙهيا ويا انهن ۾ سياست ۾ عورتون ، عورتون ڪم جي جاءِ تي، بالغ ڇوڪريون ۽ موسمياتي تبديلي هڪ فيمينسٽ نقطه نظر ۾ شامل هئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں