جي ڊي اي پاران 20 فيبروري تي موري ۾ ڌرڻي جو اعلان

جي ڊي اي 20 فيبروري تي موري ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو ، اڳواڻن ڄامشوري ۾ ڌرڻي کي خطاب دوران نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ڊاڪٽر فهميده مرزا خطاب ڪندي چيو ته 2018ع ۾ به سنڌ جو سودو ڪيو ويو ۽ اڄ به سنڌ جو سودو ڪيو ويو آهي، هاڻ عوام چپ نه رهندو

مرتضيٰ جتوئي چيو ته جيستائين چونڊن کي ڪالعدم قرار نٿو ڏنو وڃي، جدوجهد جاري رهندي

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اليڪشن ڌانڌلي، چوري ۽ غنڊا گردي هئي، جيڪا رد ڪري منصفاڻيون ۽ آزاد چونڊون ڪرايون وڃن

لياقت جتوئي ته پيپلز پارٽي کي چوٿون ڀيرو به سنڌ حڪومت ڏني وئي آهي، ٻڌايو ته هنن ڪهڙو ڪارنامو ڪيو آهي؟

اپنا تبصرہ بھیجیں