سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، جي يو آء جي ساٿين ۽ ٻين کي اغوا، ڪوڙي ڪيسن ۽ انتقامي ڪاروائين خلاف ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ مظاهرو، شھر ۾ مارچ، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو.


جيڪب آباد:رپورٽ ايم ڊي عمراڻي.
سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، جي يو آء جي ساٿين ۽ ٻين کي اغوا، ڪوڙي ڪيسن ۽ انتقامي ڪاروائين خلاف ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ مظاهرو، شھر ۾ مارچ، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو. خبر موجب جمعيت علماءِ اسلام پاران سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، جي يو آء جي ساٿين ۽ ٻين کي اغوا ڪرڻ ۽ انتقامي ڪاروائين خلاف ھڪ احتجاجي مظاهرو جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، سيد عبدالباسط شاہ، مولانا سراج احمد ڊول، اسدالله حيدري، قاري عنايت الله مھر، قاري عبدالوھاب لاشاري، مولانا عبدالوحيد بروھي، مولانا ڪريم بخش پندراڻي، چاڪر خان جکراڻي، فاروق احمد پھوڙ، واحد بخش انڙ، ثناء الله بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدرسه قاسم العلوم جيڪب آباد مان ڪڍيو ويو. مظاھرين شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڌاڙيل راڄ نامنظور، ڪوڙا ڪيس نامنظور، ڪوڙا ڪيس ختم ڪيو، انتقامي ڪاروايون بند ڪيو جا نعرا هڻندي پريس ڪلب جيڪب آباد آڏو ڌرڻو هنيو جنهن ڪري ھڪ ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقررين چيو ته پوري سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي، جي يو آء جي ثناءُ الله سومرو، بشير احمد پھوڙ سميت پريا ڪماري، نويد لاشاري، فضيلا سرڪي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن، جي يو آء جي اڳواڻن مولانا ربنواز ٻرڙو، فوجي قمرالدين، استاد منظور احمد سرڪي ۽ ٻين سان اليڪشن کانپوءِ انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن ۽ دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي. انھن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ امن جي قيام، عوام کي تحفظ، جي يو آء جي اڳواڻن سميت ٻين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب، ڪوڙا ڪيس ختم ۽ انتقامي ڪاروايون ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں