بشريٰ کي نڪاح ڏينهن ڏٺو، ڀلي قرآن کڻايو(عمران) ڪوڙو آهين(مانيڪا) عدالت ۾ وڙهي پيا

اسلام آباد (م ڊ) اڊيالا جيل ۾ عدت ۾ نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران ۽ بشريٰ بي بي جو اڳوڻو مڙس خاور مانيڪا وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، عمران خان جج قدرت الله کي چيو ته مان ۽ بشريٰ قرآن تي حلف ڏيڻ لاءِ تيار آهيون

خاور مانيڪا کان به حلف وٺو، مون بشريٰ کي نڪاح واري ڏينهن ڏٺو، قرآن کڻڻ لاءِ تيار آهيان، خاور مانيڪا عمران کي جواب ڏيندي چيو ته تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين، خدا جو خوف ڪريو، توهان منهنجو گهر برباد ڪري ڇڏيو

عمران قرآن تي حلف کڻڻ جو ضد ڪيو جنهن تي عدالت عمران کي چيو ته حلف کڻڻ بعد اوهان جو جرح جو حق ختم ٿي ويندو، جنهن بعد عمران حلف کڻڻ تان ڦري ويو، عمران چيو ته اسان حلف به کڻنداسين ۽ جرح به ڪنداسين. ٻڌڻي اڄ صبح 9 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي

هاڻ خبر پئي بشريٰ بني گالا ۾ آهي، رات مون ڪمبل موڪليو هو: عمران
باني پي ٽي آءِ عمران چيو آهي ته مونکي هاڻ خبر پئي آهي ته بشريٰ بي بي رات بني گالا منتقل ٿي آهي، مون رات بشريٰ کي ڪمبل به موڪليو هو، اسان گهر وڃڻ لاءِ ڪنهن کي نه درخواست ڏني نه ئي ڪا رعايت گهري

هن چيو ته جنهن هار جي بنياد تي سزا ڏني وئي اهو هار پريس ڪانفرنس ۾ عوام کي ڏيکارينداسين، هڪ سوال تي عمران چيو ته مون کي ڪهڙي ڊيل ڪرڻي آهي، رابطا ڪرڻ وارا رابطا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مان وارا وٺڻ لاءِ سياست ۾ ناهيان آيو، مون کي بدنام ڪرڻ لاءِ بشريٰ کي ڪيسن ۾ شامل ڪيو ويو

هار واري معاملي سان بشريٰ جو ڪو به تعلق ناهي، بشريٰ پاڻ گرفتاري ڏيڻ اڊيالا جيل آئي هئي، هن جو ڪيسن سان تعلق ئي ناهي، اسان ڪنهن کان رعايت ناهي گهري، خبر ناهي ڇو بني گالا وٺي ويا، هن چيو ته اهو هار توشا خانه جو ناهي، سعودي سفير منهنجي گهر پاڻ پهچايو هو، هار مون پاڻ توشا خانه ۾ جمع ڪرايو هو

“عمران گهر تباهه ڪري ڇڏيو” خاور مانيڪا ميڊيا کي ٻارن جا ميسيج ڏيکاريندي روئي پيو
اسلام آباد: بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران منهنجو وسندڙ گهر تباهه ڪري ڇڏيو، بشريٰ جي بيوفائي جي ڪري منهنجي هڪ ڌيءُ کي طلاق ٿي وئي

عمران فرح گوگي ۽ بشريٰ جي ڀيڻ مريم ذريعي اسان جي گهر آيو هو، آئون بيوس هيس، خاموش رهيس، ٻارن جي ڪري هاڻ آواز اٿاري رهيو آهيان، ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي منهنجو گهر تباهه ٿيو

هن چيو ته عمران حڪومت ۾ ڪو به فائدو حاصل نه ڪيو، فرح ۽ بشريٰ سڄو پنجاب سنڀالي رکيو هو، خاور مانيڪا پنهنجي ٻارن جا واٽس ايپ ميسيج ميڊيا نمائندن کي ڏيکاريندي روئي پيو

TAGStop_storiesbreaking_news

اپنا تبصرہ بھیجیں