
ڪراچي
تاریخ: 21 سيپٽمبر 2025
بلاول ڀٽو جمهوريت جي قدرن ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪوشان آهن، ناصر حسين شاهه
ڪراچي (21 سيپٽمبر 2025): صوبائي وزير توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي سيد ناصر حسين شاهه، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سندس 37هين سالگره تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي۔ پنهنجي پيغام ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نوجوان قيادت جي هڪ مضبوط مثال قائم ڪئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جمهوريت جي قدرن جي واڌاري ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سدائين سرگرم رهن ٿا۔ ناصر حسين شاهه چيو ته بلاول ڀٽو جي توانائي ۽ جوش قابلِ تحسين آهن ۽ هو نوجوانن کي سياسي عمل ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي همت ڏين ٿا۔ هن زور ڏنو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ پارٽي کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن عوامي خدمت جي سفر کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي۔ صوبائي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ بلاول ڀٽو زرداري کي صحت، ڊگهي عمر ۽ وڌيڪ ڪاميابيون عطا ڪري ته جيئن هو پنهنجي والدين ۽ بزرگن جي مشن کي اڳتي وڌائين۔
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر ميڊيا مينيجمينٽ
وزير توانائي ۽ پي اينڊ ڊي سنڌ


