
لاهور
22 جنوري 2024
پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مسلم ليگ ن سدائين ڊيل ڪري اقتدار ۾ ايندي رھي آهي. ماڻهو هاڻي نئين سوچ ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا، بلاول ڀٽو نئين سوچ جو نعرو ڏنو آهي. بلاول ڀٽو سڀ کان وڏو نعرو ڏئي رهيو آهي ته سڀ پاڪستاني گڏ ٿي وڃن. پيپلز پارٽي چيئرمين جو چوڻ آهي ته اسانجو مقابلو ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ سان ناهي، اسان جو مقابلو غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري سان آهي.
ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڏکين حالتن ۾ به ادارن تي حملا نه ڪيا، مسلم ليگ ن کي جڏهن به تڪليف آئي آهي ته انهن سڀني کي نشانو بڻايو آهي، ن ليگ مخالف ڌر جي پارٽين ۽ ادارن خلاف مهم هلائي. پي ٽي آءِ به ادارن خلاف ڪريل کان ڪريل حرڪت ڪئي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ جي ليڊرن ملڪ لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هن ملڪ کي ناڪاري سوچ نقصان پهچايو آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو سڀني کي پنهنجي ھاڪاري سوچ ڏانهن متوجھ ڪري رهيو آهي، چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رھيون آھن ۽ 8 فيبروري تي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي.
هن چيو ته ڪالهه لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي کانپوءِ مسلم ليگ ن جي قيادت وائڙپ جو شڪار آهي. ڪڏهن احسن اقبال ته ڪڏهن ڪو ٻيو اسان کي تڙيون ڏئي رهيو آهي. پيپلز پارٽي ڪڏهن به مسلم ليگ ن جي قيادت وانگر معاهدا ڪري ملڪ کان ناهي ڀڳي. شهباز شريف وزيراعظم جي ڪرسي تي ويٺو، سڄي دنيا ن ليگ جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪئي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ن ليگ سان ڪو به جهيڙو شروع ناهي ڪيو، ن ليگ پاڻ ئي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف اتحاد جوڙيو، شهباز شريف جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، مان ذاتي طور تي شهباز شريف جو احترام ڪريان ٿو، جن جي مسلم ليگ ن ۾ هلندي آهي اهي شهباز شريف کي برداشت نه پيا ڪن، شهباز شريف ڪم ڪيا آهن، برائي نه ٿو ڪريان پر صحت جون سهولتون سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ آهن.
هن چيو ته پنجاب، ڪي پي يا بلوچستان ۾ هڪ سرڪاري اسپتال جو نالو ٻڌايو، نواز شريف ۽ شهباز شريف وزيراعظم رھيا انهن سڄي پاڪستان ۾ ڪھڙو ڪم ڪيو؟ ن ليگ وارا سدائين چور دروازي سان ڊيل ڪري اقتدار ۾ ايندا رھيا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري ٺاهي ھئي، پي ٽي آءِ جي باني جو دور ملڪي تاريخ جو بدترين دور هو، پي ٽي آءِ جي باني جي حڪومت کي آئيني ۽ قانوني طريقي سان ختم ڪيو ويو.
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


