هن صديءَ جي عظيم، مدبر سياستدان، سياسي مفڪر ۽ ڏاهي انقلابي اڳواڻ، عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجي صاحب جي پنجين ورسي جو عظيم الشان تاريخي جلسي عام جو پروگرام پليجي صاحب جي اباڻي ڳوٺ جنگشاھي لڳ منگر خان پليجو ۾ ڪيو ويو.

ٺٽو (رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) هن صديءَ جي عظيم، مدبر سياستدان، سياسي مفڪر ۽ ڏاهي انقلابي اڳواڻ، عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجي صاحب جي پنجين ورسي جو عظيم الشان تاريخي جلسي عام جو پروگرام پليجي صاحب جي اباڻي ڳوٺ جنگشاھي لڳ منگر خان پليجو ۾ ڪيو ويو. سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان رسول بخش پليجي کي پريڊ وسيلي سلامي ڏني وئي. قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري رسول بخش پليجي کي ثقافتي رنگن سان شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي. عوامي تحريڪ جي قيادت طرفان پليجي صاحب جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تاريخي جلسي عام ۾ وڏي انگ ۾ عورتن، مردن، ٻارڙن، ٻڍڙن، نياڻين، شاگردن، مزدرون، هارين ،پورهيتن ۽ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ورسي جي جلسي عام ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي ناميارن سياستدانن،وڪيلن،صحافين،ليکڪن،سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين رسول بخش پليجي صاحب جي شخصيت ۽ هن جي بيمثال جدوجھد تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي جي جلسي عام ۾ ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرڻ، لکين افغانين سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ، سنڌو درياءَ تي ڊيمن خلاف ۽ ٻين مسئلن تي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. جلسي ۾ __اڳواڻن شرڪت ڪئي. موجودھ ملڪي صورتحال تي “موجودھ ملڪي صورتحال جو ذميوار ڪير آھي جي عنوان سان” عوامي تحريڪ پاليسي بيان پڻ جاري ڪري ڇڏيو جيڪو عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار پڙھيو.
ان موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ ۽ پاڪستان جو اهو ڏاهو ۽ پورهيت اڳواڻ آهي جنھن پنھنجي سڄي زندگي دنيا جي مظلوم طبقن ۽ قومن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري. هو دنيا جي مظلوم قومن ۽ طبقن جو رهبر آهي. رسول بخش پليجي جو فڪر ٽين دنيا جي ملڪن لاءِ روشني آهي. رسول بخش پليجو دنيا جي عظيم انقلابي ڏاھن جو تسلسل آهي. رسول بخش پليجي جي فڪر دنيا جي انقلابي سائنس ۾ نوان بنياد وڌا ۽ قومي ۽ طبقاتي جدوجھد ۾ ادب ۽ ثقافت کي شامل ڪري پورھيت عوامي سياست ۾ نوان لاڙ ا پيدا ڪيا. رسول بخش پليجو ھڪڙي ھمه گير شخصيت جو مالڪ ھو. ھن انتھائي پٺتي پيل غريبن ۽ مسڪين ھارين سميت سنڌي سماج ۾ عورتن کي جانورن کان گھٽ سمجھڻ وارين عورت دشمن لاڙن، ريتن ۽ رسمن خلاف عورتن کي منظم ڪري قومي، طبقاتي ۽ جمھوري جدوجھدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرايو فڪرِ رسول بخش پليجو جي ئي رھنمائي آھي جو سنڌ جي بھادر نياڻين سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان عورتن ظلم ڏاڍ، بربريت ۽ مارشلائن خلاف جھدوجھد ڪري گرفتاريون ڏنيون. رسول بخش پليجي دنيا جي عظيم انقلابي انسانن ڪارل مارڪس، لينن، مائوزيتنگ ۽ ٻين انقلابي اڳواڻن جي سائنسي علم کي عام فھم ۽ آسان ٻوليءَ ۾ ڳوٺ ڳوٺ تائين پھچايو. رسول بخش پليجو لطيف جو پارکو ھو جنھن لطيف جي شاعري جي نئين سر تشريح ڪري ٻڌايو ته لطيف پورھيتن، ھارين ۽ مظلومن جو انقلابي شاعر ھو. رسول بخش پليجو ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي علمن تي دسترس رکندڙ ھو. ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ جي پھرين ڏينھن کان وٺي آمريڪي سامراج جي اشارن تي نچندڙ ڪٺ پتلي حڪمرانن قائداعظم محمد علي جناح کي پاسيرو ڪري پاڪستان جي وجود جي اصل دستاويز 1940 واري قرارداد جي نفي ڪندي پاڪستان ۾ شامل آزاد ۽ خودمختيار قومن سان ظلم ۽ جبر جون نيون تاريخون رقم ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان اڄ جنھن خطرناڪ معاشي ۽ سياسي بحران کي منهن ڏيئي رهيو آهي ان جو واحد حل محمد علي جناح جي سيڪيولر اصولن ۽ 1940 واري قرارداد تي عمل ڪرڻ سان ئي ملڪ خوشحالي ڏانھن وڌي سگهي ٿو. پاڪستان جي سموري تاريخ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ محلاتي سازشن، پارٽين کي ٺاھڻ ۽ ڊاھڻ، اليڪشنون کٽرائڻ ۽ ھارائڻ، حڪومتون ڪيرائڻ ۽ من پسند پارٽين کي ڏيارڻ سميت مارشلائن جي تاريخ ۽ سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جي بدترين تاريخ رھي آهي. غلط، عوام دشمن ۽ ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جوڙ توڙ وارين غلط پاليسين جي ڪري ملڪ جو معاشي ۽ اقتصادي طور تي ڏيوالو ڪڍيو ويو آھي. اڌ ملڪ وڃائڻ جي باوجود حڪمرانن ماضي مان ڪوبه سبق ڪونه سکيو آھي. اڄ به ساڳي پاليسي جاري رکي ملڪ کي تجربي گاھ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سميت ملڪ جي مظلوم قومن جي قدرتي ۽ معدني وسيلن تي مڪمل طور قبضو ڪري ملڪ ۾ آپيشاهي جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ۽ غيرقانوني طور ڌاڙو هڻي تونسا – پنجند، چشما جهلم ۽ گريٽر ٿل ڪئنالن جھڙا خطرناڪ منصوبا جوڙي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ جو عوام پھرين ڏينھن کان رد ڪري چڪو آهي. هي آدمشماري مڪمل طور تي سنڌ جي قومي وجود مٿان وار آهي. ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ، بلوچستان، ڪشمير، گلگت ۽ سرائيڪي وسيب جو عوام ملڪي سالميت تي حملو قرار ڏئي رد ڪري چڪو آهي. تنهنڪري هن آدمشماري جي نتيجن جي ڪا به آئيني ۽ قانوني حيثيت ناهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته سڀ کان پهرين سنڌ تي قبضو ڪندڙ پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ۽ وسيلن جي ورهاست آبادي بدران ٽيڪسن جي اوڳاڙي سميت وسيلن ۽ ٻين اسمن جي بنياد تي ڪئي وڃي. هن چيو ته ملڪ تي قابض قوتن پاڪستان جي وفاق کي وحداني وفاق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سميت پاڪستان جي ننڍن صوبن کي وفاقي ادارن ۾ نوڪرين کان محروم رکي ننڍين قومن جي حق تلفي ڪئي وئي آهي. سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي. وفاقي ادارن ۾ نوڪريون سڀني قومن کي برابري جي بنياد تي ڏنيون وڃن. جيئن سينيٽ جون سيٽون سڀني قومن جون برابر آهن، تيئن نوڪرين ۾ به ڪنهن هڪ صوبي جي هڪ هٽي قائم ڪرڻ بدران سڀني کي برابر حصو ڏنو وڃي. پاڪستان ٺهڻ شرط يو پي، سي پي، بهار ۽ بمبئي مان سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي نيت سان لڏي آيل قبصاگيرن کي بيوروڪريسي ۾ وڏو حصو ڏئي سنڌين کي ديوار سان لڳايو ويو. ڪوڙن ڪليمن ۽ اهڙن ٻين ڪارن قانونن جي نالي ۾ سنڌين جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين حوالي ڪيون ويون سنڌ جي زمينن تي سنڌين جي حق کي تسليم نه ڪيو ويو ۽ سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ دربدر ڪيو ويو. هن وقت به بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي، ذوالفقار آباد ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مٿان والار جاري آهي جيڪا سنڌ جي وجود ميسارڻ جي بدترين سازش آهي. هن چيو ته سنڌ کي هٿ وٺي جاگيرداري ۽ قبائلي نظام جي اوڙاه ۾ اڇلايو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جرڳن تي پابندي لاڳو ڪري جرڳن کي ملڪي آئين جي توهين قرار ڏنو آهي پر سنڌ سرڪار ڪورٽ سڳوري جي حڪمن تي عمل ڪرڻ کان نابري واري ويٺي آهي. بلڪه سنڌ ايپيڪس ڪميٽي ته قبائلي سردارن کي قبائلي تڪرارن جي نبيري جا اختيار ڏئي جرڳائي نظام کي طاقتور ڪري عدليا تي حملو ڪيو آهي. سنڌ کي ڪارو ڪاري، قبائلي تڪرارن، سڱ چٽي، زوري مذهب مٽائڻ ۽ ننڍي عمر جي شادين جهڙين فرسوده ۽ واهيات رسمن طرف ڌڪي سنڌ کي مڪمل طور تباھ ۽ برباد ڪرڻ جو هر طرف کان بندوبست ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ بدترين پاليسين سبب ملڪ دنيا ۾ اڪيلو ٿي چڪو آهي. پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي ڪڏھن به ملڪي عوام جي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي ناهي جوڙي وئي. ملڪي اسٽيبلشمينٽ پنھنجي مخصوص ذاتي مفادن جي ڪري ملڪ کي آمريڪي سامراج وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. ملڪي معيشت آءِ ايم ايف وٽ يرغمال آهي. ايران سميت پاڙيسري ملڪن سان واپاري لاڳاپا ملڪ جي معشيت کي استحڪام بخشيندا. حڪمرانن کي پاليسيون جوڙڻ وقت ملڪ جي سالميت ۽ عوام جي مفادن کي اڳيان رکڻو پوندو ٻي صورت ۾ پاڪستان هر آئي ڏينھن بدترين بحرانن جي ور چڙهيل رهندو. پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌ جا سڀ وسيلا وفاق کي پليٽ ۾ وجھي وڪرو ڪري ڇڏيا آھن گذريل پندرھن سالن کان پيپلزپارٽي جي نااھل ڪرپٽ وڏيرڪي حُڪومت سنڌ جي عوام کي بک بد حالي بيروزگاري، بدامني، لاقانونيت جي آڙاھ ۾ ڌڪي سنڌ کي ڌاڙيلن قبيلائي ۽ جرڳائي سردارن جي رحم ڪري تي ڇڏي ڏنو آھي جن رياست اندر پنھنجي رياست قائم ڪري ڇڏي آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري چيو ته رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي سياست ۾ عورتن کي اڳواڻي وارو ڪردار ڏئي سنڌ جي تاريخ جو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. هن وقت سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب عورتن لاءِ زندگي جهنم بڻائي وئي آهي. سنڌ جي عورتن کي قبائلي ناسور جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو تھ رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي ھارين، مزدورن پورھيتن کي سياست ۾ متحرڪ ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ھن جدوجھد جي نتيجي ۾ اڄ سنڌ ۾ ڪيترائي اھڙا پورھيت آحن جيڪي انقلابي سائسن جي سمجھ رکن ٿا. پليجي صاحب جي جدوجھد سنڌي عوام کي اڃا بھ وڌيڪ فائدا ڏيندي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته ملڪ ۾ زرعي سڌارا آڻي جاگيرون ختم ڪيون وڃن. سنڌ جي زمينن تي قبضن کي ٻنجو ڏئي زمينون بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون چيو ته پاڪستان ۾ ڪنھن به قسم جا ڪي ليبر لا عمل ۾ ناهن. مزدرون کي ڪي به حق ناهن مليل. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو ته سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي ڪرپشن جو ڳڙه بڻايو ويو آهي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ چيو ته سنڌ جون يونيورسٽيون نياڻين لاءِ مقتل گاه بڻايون ويون آهن. سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائنچو چيو ته سنڌ ۾ هر روز ٻارڙن سان ڏاڍاين جا واقعا روز وڌندا وڃن ٿا. سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي.

قراردادون
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ غير آئيني ۽ غير قانوني طرح لکين افغانين، بھارين، برمين، روهينگين، هندستانين ۽ ٻين غير ملڪين کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌي قوم کي پنھنجي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبا بندي تي عمل ڪيو پيو وڃي. وقت کان اڳ بوگس ڊجيٽل آدمشماري به ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي. ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ لکين افغانين ۽ غير ملڪين جي ڳڻپ ڪري سنڌي قوم جي اڪثريت کي اقليت تبديل ڪيو ويو آهي. اڄوڪي ھن عظيم الشان جلسي عام ۾ ھزارين مرد، عورتون، ٻار ۽ ٻڍا وقت کان اڳ ٿيندڙ غير قانوني آدمشماري کي مڪمل رد ڪندي مطالبو ٿا ڪن ته سنڌ ۾ لکين ڌارين جي ايندڙ انساني ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي ۽ غير ملڪين کي ڪراچي بدامني ڪيس جي ڏنل فيصلي تحت واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ محسن داوڙ طرفان پيش ڪيل رفيوجي بل 2023ع ملڪ جي خالق ايڪائن جي وجود تي وار آهي. اڄوڪو هي اجتماع مطالبو ٿو ڪري ته رفيوجي بل 2023ع فوري طور تي رد ڪيو وڃي. محسن داوڙ ۽ پي ڊي ايم جا نمائندن ملڪ ۾ شامل ايڪائن جي ماڻهن کان معافي وٺن. سنڌ ۾ رھندڙ لکين ڌارين کي نادرا طرفان غير قانوني طور سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏنا پيا وڃن. غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيندڙ سنڌ ۽ ملڪ دشمن ڪرپٽ آفيسرن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ۽ جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا وڃن. اسٽيبلشمينٽ جو سياست ۾ عمل دخل قومي سلامتي ادارن لاءِ سخت خطرو آهي، اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخت فوري طور تي بند ڪري، نيون پارٽيون ٺاهڻ ۽ وري ڊاهڻ، اليڪشن جي عمل کي يرغمال بڻائي هٿ ٺوڪين اليڪشن جا نتيجا تبديل ڪري پنهنجا ملازم نمائندا چونڊرائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ آزاد اليڪشنون ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. وفاق ۽ صوبائي ادارن ۽ خانگي سيڪٽر ۾ رٽائرڊ فوجين کي ننڍي عهدي کان وٺي اعلي عهدن تي مقرر ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. رٽائرڊ فوجين کي عهدن تي مقرر ڪرڻ واري عمل سان پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار نٿو ملي ۽ هو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کان مطالبو ٿا ڪريون ته سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ رٽائرڊ فوجين جي ڀرتي تي مڪمل بندش وجهڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا کوليا وڃن. سنڌ جي معدني وسيلن ۽ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ميري ٽائيم زونس بل سنڌ صوبي ۽ سنڌ جي عوام جي قومي ملڪيت تي ڌاڙو آھي جنھن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. سنڌ ۾ ھڪڙي منصوبا بنديءَ سان رياستي سرپرستي ۾ قبيلائي سردارن ۽ ڌاڙيلن کي طاقتور ڪيو پيو وڃي. قبيلائي سردارن ۽ ڌاڙيلن طرفان رياست اندر پنھنجي الڳ رياست قائم ڪئي وئي آھي جنھن ۾ قانون ۽ حُڪم انھن جا ئي ھلن ٿا. قبيلائي سردارن طرفان جرڳا ڪري، غيرت جي نالي ۾ ڪارو ڪاري جي ھٿ ٺوڪي رسم تحت عورتن کي قتل ڪرڻ، معصوم نياڻين کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ، لکين روپيا ڏنڊ وٺڻ، قتلن جا فيصلا ڪرڻ جھڙا قانون ۽ آئين کان مٿانھا فيصلا ڪيا وڃن ٿا ۽ ڌاڙيلن طرفان سرعام معصوم ٻار ٻڍا ۽ عورتون اغوا ڪري انھن سان جنسي زيادتي ڪري انهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي رکيون وڃن ٿيون. ان ظلم ۽ بربريت خلاق ڪي به قانوني قدم نٿا کنيا وڃن. اڄوڪي ھن عظيم الشان جلسي عام ۾ مطالبو ٿو ڪجي ته قبيلائي سردارن ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري انھن جو مڪمل خاتمو آڻي سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت بدامني کي ٻنجو ڏئي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي. پاڪستان ٺھڻ شرط سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو ويو ۽ اھو سلسلو اڄ به جاري آھي. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ذوالفقار آباد، ملٽي نيشنل ڪمپنين، ونڊ پاورن کي زمينون ڏيڻ جو سلسلو بند ڪري اھي زمينون سنڌ جي بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن. سنڌ جي پاڻي تي گذريل صدي کان مسلسل پنجاب جا حڪمران ڌاڙا هڻندا اچن. ٻه ڌاڙيل واهه چشما جھلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسه پنجند زور زبردستي سان وھايا پيا وڃن. سنڌ ۾ ھن وقت پاڻي نه ھجڻ ڪري ڪربلا وارو منظر آھي. سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھڻ جا منصوبا سنڌ جو پاڻي بند ڪري سرسبز ۽ آباد سنڌ کي ويران ۽ رڻ پٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۽ سنڌي قوم جي نسل ڪُشي آھي. عوامي تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم ۽ ڪئنال نه ٺاھيو وڃي. ٻارھوئي زبردستي وھندڙ ٻه ڌاڙيل واھ بند ڪيا وڃن. گريٽر ٿل ڪئنال ون ۽ ٽو سميت ٻيا سمورا منصوبا بند ڪيا وڃن ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ جي تعليمي ادارن جي فين جي واڌ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي. فيون گهٽائي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن. سنڌ جي هر هڪ يونيورسٽي کي گهٽ ۾ گهٽ ساليانو ٻه ارب روپين جي گرانٽ ڏني وڃي. بن قاسم پورٽ ۽ ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ نوڪرين جو حق سڀ کان پهرين مقامي سنڌي ماڻھن جو آھي. مٿين ادارن ۾ سنڌي ماڻھن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪري افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، جيڪا سنڌي عوام سان زيادتي ۽ ناانصافي پر ان تاريخي ۽ بنيادي حق تي ڌاڙو آھي. اڄوڪي ھن عظيم الشان جلسي ۾ مطالبو ٿو ڪجي ته مٿين ادارن ۾ سڀ کان اڳ سنڌي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي. سنڌ ۾ هر روز نياڻيون اغوا ٿي رهيون آهن ۽ خاص ڪري سنڌي هندو نياڻين کي ٽارگيٽ بڻائي اغوا ڪري سندن زبردستي مذهب تبديل ڪرائي زوريءَ شاديون ڪرايون وڃن ٿيون. جيڪو عمل انتهائي ڀيانڪ آهي، عوامي تحريڪ اهڙي عمل کي پنهنجي سنڌي هندو ڀائرن ۽ ڀينرن خلاف گهري سازش سمجهي ٿي. سنڌ جيڪو امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو خطو آهي، ان کي هڪ سازش تحت انتهاپسندي طرف ڌڪيو پيو وڃي، جنهن عمل جي عوامي تحريڪ شديد لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ گهر ڪري ٿي ته اهڙي قانون سازي ڪئي وڃي جو اهڙي عمل کي روڪي سگهجي ۽ ان عمل ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. حڪومت پاران آئي ايم ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي سامراجي ادارن جي فرمائش تي رڪارڊ ٽوڙ مهانگائي ڪرڻ، بيروزگاري، غير ضروري ۽ زبردستي جا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان عام ماڻهو جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. فوري طور تي اٽي، کنڊ، گهي، بجلي، گئيس ۽ تيل جون قيمتون گهٽايون وڃن. گذريل ٻوڏ ۾ سنڌ سرڪار هٿ وٺي ٻه ڪروڙ ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪيو، شهرن جا شهر ٻوڙايا ويا، اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ متاثرن جي سنڌ سرڪار ڪابه واهر نه ڪئي آهي. سنڌ توڙي وفاقي سرڪار جي اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي. سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي، متاثر ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن، فوت ٿيل ماڻهن جو متاثر خاندانن کي معاوضو ڏنو وڃي. چوپائي مال سميت ٿيل زرعي فصلن جي نقصان جو هارين ۽ آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي. پاڻي جي لنگهن تان سرڪاري وڏيرن، سردارن ۽ چونڊيل ڀوتارن جا قبضا ختم ڪرايا وڃن. واهن، سم نالن ۽ بچاءُ بند کي پيل گهارا فوري طور تي بند ڪرايا وڃن. حقيقي زرعي سڌارا عمل ۾ آڻي هر هڪ هاري خاندان کي 16 ايڪڙ زرعي زمين، رهائش لاءِ هاري ڳوٺ، اولاد لاءِ تعليمي ادارن ۾ مخصوص داخلا جون سيٽون، اسڪالرشپ، بجلي، گئس، روڊ ۽ علاج جون سموريون سهولتون ڏنيون وڃن. سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ هاري نمائندن ۽ قانوندانن جي مشوري سان سڌارا آڻي هارين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ججن تي مشتمل هاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن. نقلي ٻج، دوائون، ڀاڻ کي ڪنٽرول ڪرائي زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ بجيٽ رکي ان جو منصفاڻو استعمال ڪيو وڃي. زرعي جنس جا اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار هارين ۽ آبادگارن کي ڏنو وڃي. 1940ع جي قرارداد موجب وفاق وٽ فقط اڍائي کاتا رکيا وڃن. جن ۾ پرڏيهي پاليسي، ناڻو، ۽ دفاع سان لاڳاپيل مواصلات جو اڌ، باقي اختيار صوبن کي ڏنا وڃن. عدليه، پي آئي اي، ريلوي سميت وفاق جي سمورن ادارن ۾ سنڌي ماڻهن کي برابري جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن.

پاڪستان جي ماضي ۽ موجودھ سياسي، معاشي بحران تي عوامي تحريڪ جو موقف.
موجوده ملڪي صورتحال جو ذميوار ڪير آهي؟
جلسي عام ۾ موقف پڙھندڙ: نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري عوامي تحريڪ
پاڪستان ٺھڻ کان ترت پوءِ اصل اقتدار تي قبضو برطانيا جي ملازم جرنيلن، سول ڪامورا شاھي ۽ انگريز سامراج جي حمايت يافته ۽ سندن پيدا ڪيل جاگيردارن، قبيلائي سردارن، چوڌرين، خانن ۽ نوابن کي مليو، هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ٽي بيءَ جي مرض ۾ مبتلا ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي زيارت جهڙي انتهائي ٿڌي علائقي ۾ رهائي مرڻينگ ڪرڻ کان پوءِ کٽارو ايمولينس ذريعي قتل ڪري رستي تان هٽائي ويو. ملڪ کي وجود ڏيندڙ 1940ع جي ٺهراءُ جي سنگين ڀڃڪڙي ڪندي، جناح جي جمھوري اصولن ۽ سيڪيولر سوچ، پاڪستان جي عوام جي سامراج کان آزاد خارجه پاليسي ۽ عوامي جمھوري ملڪ جي خواب جو قتل ڪري پنھنجي خصيص مفادن خاطر پاڪستان کي آمريڪا سامراج جو مڪمل غلام بڻائي ڇڏيو.
ملڪ جي 75 سالن جي سياسي تاريخ سڌين مارشلائن ۽ جمھوريت جي نالي ۾ اڻ سڌين سول مارشل لائن جي حڪومتن جي تاريخ آھي. . ملڪي اسٽيبلشمنٽ 25 سالن اندر ملڪ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ وجود ڏيندڙ ننڍيون قومون هميشه لاءِ ھڪ صوبي(پنجاب) جي بي رحم حڪمرانن جي عددي اڪثريت جون قيدي ٿي ويون. ملڪ جي واڳ ڌڻين ملڪ ۾ حقيقي عوامي جمھوريت، قانون ۽ انصاف جي حُڪمراني کي طاقتور ڪرڻ جي بدران ملڪ ۾ انتھاپسندي، جنونيت، دھشتگردي ۽ ڪرپشن جي آبياري ڪري دھشتگردن کي ھٿياربند ٽريننگون ڏيئي کين مچائي مواڙ ڪيو ويو ۽ ان پاليسي جي نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ملڪ دھشتگردي جي لپيٽ ۾ اچي ويو، جنھن مان اڃان تائين نڪري ڪونه سگھيو آھي. حڪمرانن جي اهڙين غلط پاليسين جي ڪري پاڪستان جا ھزارين معصوم شھري دھشتگرديءَ جو کاڄ بنجي ويا ۽ اڃا بڻجن پيا، انھن دھشتگردن کان مسجدون، امام بارگاھون، مندر،درگاهون، عبادت گاھون، اسڪول توڙي عام جايون محفوظ نه رهيون.
اسٽيبلشمينٽ طرفان پنهنجي گروهي ۽ ڪاروباري مفادن خاطر ملڪ تي ڪيل ناجائز قبضي کي جاري رکڻ لاءِ پنهنجي ئي هٿن سان ٺاهيل پارٽين کي ڊاھڻ ۽ انهن جي جاءِ تي وري ھٿراديون پارٽيون ٺاھڻ جو ڪم جاري آهي. جيڪڏھن ھٿرادو ٺھيل پارٽين کان ڪم چڙھي ٿي ويو ته يارنھن يارنھن سالن تائين سڌيءَ طرح مارشلائون ھڻي، ملڪ تباهه ۽ برباد ڪيو ٿي ويو. اسٽيبلشمينٽ 1971 ۾ ملڪ جي ٽٽڻ، جنرل ضياءَ جي قھري دور ۾ ملڪ کي بنياد پرستيءَ، لاقانونيت ۽ دھشتگردي ءَ جي حوالي ڪرڻ، ملڪ جي معاشي طور تباھ ٿيڻ وارن تجربن مان ڪجھ به نه سکيو آھي. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت به ساڳئي ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن پاليسي جاري آهي. جنھن جو ثبوت ملڪ ۾ موجوده سنگين معاشي بحران، سياسي انتشار ۽ بي يقيني واري صورتحال مان ملي ٿو.
تنهن ڪري ملڪ جو عوام ان طرح سوچي ٿو ته ملڪ ۾ پيدا ٿيل موجوده انتشار ۽ بي يقيني واري صورتحال، ملڪ ۾ شامل قومن جا حق غصب ڪرڻ، بي انتها ڪرپشن، عدليا ۽ ميڊيا کي يرغمال بڻائڻ، پنھنجا نوازي نااھلي ۽ بدانتظامي، معاشي طور تي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ جا اصل ذميوار اھي فوجي ۽ سويلين حڪمران آھن جيڪي گذريل پنجھتر سالن کان ڪڏهن ظاهر ته ڪڏهن پردن ۾ ويڙهيل ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ اقتدار تي قابض رھيا آھن.
اها صورتحال جيڪا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرط شروع ٿي هئي، ان جو ئي نتيجو آهي جو ملڪ هن وقت بيشمار بحرانن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. ان سلسلي ۾ گذريل مھيني ۾ ٿيل واقعن جا پيرا کڻبا ته ان جا نشان اسان کي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي شروعاتي ڏينهن کان وٺي هيستائين جي سموري تاريخ ۾ نظر ايندا. جڏهن مارشلا جي پهرين شروعات اسڪندر مرزا ڪئي ۽ ان کان پوءِ جنرل ايوب خان مارشلا لڳائي سالن جا سال پاڪستان جي رياست تي قبضو ڪيو. جيڪو سلسلو جنرل يحيٰ خان طرفان بنگال جي جمهوريت پسند عوام مان جان ڇڏائڻ لاءِ پاڪستان جي وجود کي ٻه اڌ ڪرڻ واري ڏکوئيندڙ واقعي تائين جاري رهيو. 70ع جي ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ جنرل ضيا الحق طرفان لولي لنگڙي جمهوريت مٿان راتاهو هڻي ملڪ تي آمريت جو بدترين دور مڙهيو ويو. پاڪستان جي سموري تاريخ، ملڪ جا بنياد لوڏيندڙ ڀيانڪ واقعن سان ڀري پيئي آهي. پاڪستان جو عوام سمجهي ٿو ته رياست جي سموري طاقت ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان اڳياڻ پڇ لٽڪائيندڙ سياستدانن وٽ رهي آهي. پاڪستان جو عوام خراب حڪمراني،امن امان جي بدترين صورتحال، معاشي ابتري ۽ بار بار ايندڙ سياسي گهوٽالن جهڙي بدترين صورتحال جو ذميوار اسٽيبلشمينٽ کي سمجهي ٿو.
پاڪستان جو عوام گذريل 75 سالن دوران ملڪ کي ذليل، خوار، بدنام ۽ تباھ ڪندڙ حڪمرانن کان پڇڻ چاهي ٿو ته هٿرادو سياسي پارٽيون ۽ سياستدان ٺاهڻ ۽ وري ڊاھڻ کان وٺي مذهبي انتهاپسند ۽ دهشتگرد ٺاهڻ جو عمل اڃا ڪيستائين جاري رهندو؟
جيستائين بنگال جي سانحي بابت جوڙيل حمودالرحمان ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪري ملوث ادارن ۽ فردن کي سزا نه ڏني ويندي، جيستائين ملڪ ۾ عالمي سامراج جي چوڻ تي اربين ڊالرن جي مدد سان پاڪستان ۾ لکين بيگناهن جون زندگيون ڳڙڪائيندڙ بنياد پرستيءَ ۽ انتھاپسندي کي وڌائي ويجھائي وڻ ڪرڻ وارن کي پڌرو ڪري سزا نه ڏني ويندي، جيستائين ٽيھن سالن تائين سنڌ جي شھرن کي رت ۾ وھنجاريندڙ ايم ڪيم ايم جي ٺاھيندڙن کي پڌرو ڪري سزا نه ڏني ويندي، جيستائين 12 مئي جي ڏينھن تي اسلام آباد ۾ مڪون ڏيکاري، ڪراچي کي رت ۾ وھنجاريندڙن جي اصل محرڪ ڪردارن کي وائکو ڪري سزا نه ڏني ويندي، جيستائين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد فاصل راهو، شهيد بنظير ڀٽو، ، شهيد نظير عباسي، شهيد اڪبر بگٽي، شهيد مير مرتضى ڀٽو، شهيد نواز ڪنراڻي، شهيد عثمان ڪاڪڙ، 18 مئي، 9 اپريل، 22 مئي جي شهيدن شهيد عبدالستار انڙ، شهيد شبير بليدي، شهيد عزاله بتول صديقي ۽ ٻين هزارين بي گناهه شهيد ڪيل ماڻهن جي خون سان انصاف نه ٿيندو تيستائين پاڪستان جو عوام سمجھندو رھندو ته 1947 کان وٺي ملڪ مٿان ڪيل قبضو جاري ۽ ساري آھي ۽ طاقتور ادارا ملڪي قانون ۽ آئين کان مٿانھان آھن. بظاھر نظر ايندڙ تبديلون فقط اقتدار تي قابض قوت سان اقتدار جي ورھاست تان ۽ عالمي قوتن طرفان سڄي دنيا اندر ٿيندڙ جھيڙي جو نتيجو آھن.
ٻئي پاسي سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌ جا سڀ قدرتي ۽ معدني وسيلا ۽ لکين ايڪڙ زمينون مال غنيمت سمجھي ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ڪري ڇڏيا آھن ته جيئن سنڌ ۾ پيپلزپارٽيء جي حُڪومت قائم ۽ دائم رھي. پيپلزپارٽي ۽ اسثيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ سان سنڌ جي حصي جي پاڻي تي قبضو ڪيو ويو آهي. سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ طرف وقت کان اڳ غير قانوني ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ويئي آهي ته جيئن سنڌ ۾ لکين افغانين، بهارين، برمين، روهينگين، هندستانين، بنگالين ۽ ٻين غير ملڪين کي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي نادرا کان سڃاڻپ ڪارڊ ڏياري آباد ڪيو ويو آهي انهن سڀني کي ڳڻپ ۾ شامل ڪري سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ ظاهر ڪري سگهجي. ان سان گڏ قبيلائي سردارن ۽ جاگيردارن کي طاقتور ڪري انھن معرفت جرڳا ڪرائي رياست اندر ٻي رياست قائم ڪرڻ سان گڏ ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار ڏئي ماڻھو مارائڻ جو لائسنس ڏنو ويو آھي . جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ موجود بدامني، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جنهن جا شعلا سڄي دنيا ڏسي رهي آهي پر ان جي باوجود سڀ ادارا خاموش آھن. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد کي لکين ايڪڙ زمين ڏني ويئي آهي. ملير، ٺٽي، ڪوهستان، ڄامشوري ضلعن جي هزارين ايڪڙ زمينن تي ملڪ رياض ۽ ٻين ڪمپنين جو قبضو آهي. سجاول، بدين، ٺٽي ۽ ڪراچي جي سامونڊي پٽي ۾ زمينن تي قبضا ڪري ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت غير ملڪين تي مهربان آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جيڪا اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻي ٿي سنڌ ۾ گذريل 15 سالن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي ڪنهن هڪ به هاري کي نه ٻني جو ڪو هڪ ايڪڙ ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن مزدور کي ڪو گهر ڏنو ويو آهي.
ھي اجتماع ڪنھن به فرد، عهدي يا اداري کي مقدس ڳئون ڪري پيش ڪرڻ واري روش کي ملڪ جي جمھوري روح جي نفي ڪندڙ ترقيء جي راھ ۾ رڪاوٽ سمجھي ٿو ۽ گھر ڪري ٿو ته قانون جي بالادستي قائم ڪري گذريل پنجھتر سالن کان اقتدار ۾ رھندڙ جيئرن توڙي مري ويل فوجي توڙي سويلين حڪمرانن جو ڪڙو احتساب ڪيو وڃي. ملڪ ۾ شامل ننڍين قومن جي حقن ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھڻڻ جو سلسلو بند ڪري ملڪ ۾ شامل قومن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ملڪ کي قائد اعظم محمد علي جناح جي بنيادي جمھوري ۽ سڪيولر اصولن واري 1940ع جي بنيادي تاريخي ٺهراءُ تحت ھلائي ملڪ ۾ شامل وحدتن کي بااختيار ڪري حق حڪمراني ڏني وڃي. ڪنھن به طاقتور اداري، عهدي يا شخصيت کي ملڪ جي قانون ۽ آئين کان بالادست سمجھڻ واري پاليسي ترڪ ڪري ملڪ ۾ آزاد عدليه تحت قانون ۽ آئين جي بالادستي قائم ڪئي وڃي.
عوامي تحريڪ پنهنجي قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب جي هن عظيم اليشان ورسي جي جلسي عام واري تاريخي موقعي تي سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي، پنجاب، سرائيڪي وسيب، آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي سمورين محب وطن سياسي تنظيمن، سماجي ڌرين، وڪيلن، استادن، شاگردن، هارين ۽ مزدورن کي سڏ ٿي ڏي ته ملڪ ۾ پيدا ڪيل هن سنگين معاشي ۽ سياسي بحران مان ملڪ جي پورهيت عوام جي جان ڇڏائڻ، قومن جي برابري ۽ حقِ حڪمراني، پورهيت ۽ مسڪين ماڻهن جي نجات لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي، ان عظيم مقصد لاءِ عوامي تحريڪ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.
==========================

اپنا تبصرہ بھیجیں