ڪراچي ۾ شادي کان هڪ ڏينهن اڳ نوجوان دوست هٿان قتل

ڪراچي: ڪراچي ۾ شادي جو گهر ماتم ۾ تبديل ٿي ويو، شادي کان هڪ ڏينهن اڳ اسامه جاويد نالي نوجوان کي پنهنجي دوست قتل ڪري ڇڏيو

اسامه جو لاش گذريل ڏينهن عوامي ڪالوني ڪورنگي مان مليو هو، پوليس والد جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو

ايف آءِ آر ۾ مقتول جي والد پوليس کي ٻڌايو ته جمعي تي پٽ کي ونواهه جي لاءِ ڪنوار جي گهر وڃڻو هو، مقتول اسامه کي دوست طلحه ان کي وٺڻ آيو هو، ڪنوار جي گهران واپس آياسين ته اسامه گهر ۾ موجود نه هو

والد ٻڌايو ته اسامه کي ڪال ڪئي ته نمبر بند هو، بعد ۾ پوليس کي پٽ جو لاش مليو، اسپتال ۾ لاش ڏٺو ته پٽ جي سڃاڻپ ڪئي

والد پوليس کي بيان ۾ ٻڌايو ته اسامه کي ان جو دوست طلحه ڪار ۾ وٺي ويو هو ۽ ان اسامه کي قتل ڪيو آهي

ٻئي پاسي پوليس واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي برآمد ڪري ورتي، گاڏي مان رت جا نمونا به حاصل ڪيا ويا آهن

پوليس عملدارن موجب طلحه ٻين ٻن ساٿين سان گڏجي اسامه کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، طلحه حراست ۾ آهي، ٻين فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري جي ڪوشش جاري آهي

TAGStop_stories

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں