
ميرپور ماٿيلو ويجهو ساوند سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي حملي ۾ پيءُ پٽ سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن
ساوند ۽ سندراڻي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جاري خوني تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺ مسڪان ۾ اوطاق تي حملو ڪيو
ڪنڌڪوٽ مان مهمان ٿي آيل پوليس هيڊ ڪانسٽيبل شير علي ملڪ، سندس پٽ نصيب الله ملڪ ۽ علي رضا مالڪ مارجي ويا
مارجي ويلن ۾ عبدالرحمان ساوند، فيض محمد ۽ امير بخش ساوند شامل آهن، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب حبيب الله، اربيلو ۽ ڪامران گولو زخمي ٿي پيا
علائقي ۾ چوٻول آهن ته هٿياربندن گذريل ڏينهن قادرپور ۾ بئنڪ آفيسر جان محمد سندراڻي جي قتل جي پلاند طور اڄ حملو ڪيو
ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران چيو آهي ته قبائلي چڱن مڙسن ۾ هٿ وجهڻ تائين خوني تڪرار حل نه ٿيندا
هن چيو ته مقتولن جا وارث جهيڙن جو سبب بڻيل چڱن مڙسن تي ڪيس داخل نه ٿا ڪرائين، 6 ڄڻن جو قتل ساوند سندراڻي قبائلي تڪرار تان ٿيو
TAGSbreaking_news
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


