
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ڪيٽي بندر کي بندرگاھ بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي سنڌ حڪومت پاران وفاق جي مدد سان شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاء ڪيٽي بندر کي جلد بندرگاه بڻايو ويندو صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو ته ڀنڀور کان ڪيٽي بندر تائين زير تعمير ڪوسٽل هاء وي جو منصوبو ٻن سالن اندر مڪمل ٿي ويندو ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو جو تعميراتي ڪم ايندڙ مهيني ڊسمبر تائين مڪمل ڪري ان کي جنوري ۾ قيدين لاء کوليو ويندو
ٺٽي جي ساحلي ۽ ڪوهستاني علائقن کي ترقي ڏيارڻ لاء ميگا منصوبا جنهن ۾ ڳاڙھو کان ڪيٽي بندر قومي شاهراھ، ٺٽو کان جهمپير مين روڊ توڙي ٻين ڪيترن ئي منصوبن جو ڪم آخري مرحلي ۾ آھي ۽ ٺٽي ضلعي کي ماڊل ضلعو بنائڻ لاء ڪوششون جاري آھن حاجي علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته ٺٽي ضلعي جي وڪيلن ۽ صحافين لاء مڪلي تي ڪالوني منظور ڪرائي پلاٽ ڏياريا ويندا ۽ وڪيلن جي جائز مسئلن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪيو ويندو صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٺٽو جي لائبريري روم جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالھ ٻولھ
ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيشن ٺٽو جي بار روم ۾ بار پاران منعقد ڪرايل آجياڻي واري تقريب کي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري رياض شاھ شيرازي پي پي ٺٽي جو ضلع صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل ايڊوڪيٽ حسيب جمالي ٺٽو بار جي صدر اختر جماري جنرل سيڪريٽري امداد سرڪي ايڊوڪيٽ شبير ڪنڀار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
تقريب ۾ پي پي اڳواڻ عاشق حسين زرداري ضلع چيئرمين عبدالحميد پهنور مڪلي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين پير زين العابدين جيلاني پي پي اڳواڻن امتياز قريشي محمود عالم شاھ پير غلام رحماني عبدالحميد سومرو ۽ ٻين وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.


