
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) مڪلي ھاشم آباد سوسائٽي جي رھواسي تپيدار حاجي انور پارھيڙي مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ اڍائي سال اڳ سندس مڪلي واري گھر مان لڳل لکين روپين واري ڌاڙي توڙي ان ڏوھي واردات ۾ شامل 6 ڏوھارين مان ھڪ ڏوھاري جي ssp ٺٽو وٽ نشاندھي ڪرڻ باوجود مڪلي پوليس ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي، جنھن واقعي جو ڪيس پڻ مڪلي ٿاڻي تي سندس مدعيت ھيٺ 27 مئي 2021 تي داخل ڪرايو ويو ھو، جنھن کي اڍائي سال گذرڻ باوجود مڪلي پوليس ان ڪيس ۾ اڃان تائين ڪابہ اڳڀرائي ڪري ناھي سگھي. حاجي انور پارھيڙي چيو تہ لڳل ڌاڙي دوران ڏوھارين سندس گھر ۾ گھڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري سندس عورتن ۽ نياڻين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي انھن جي ڪنن ۽ ٻانھن مان زبردستي 10 لک روپين کان وڌيڪ جا سونا زيور لاھي کڻي ويا آھن، جن ڏوھارين مان ھڪ ڏوھاري جي پوليس وٽ نشاندھي ڪرڻ باوجود پوليس انھن خلاف ڪابہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، کيس خدشو آھي تہ ڪٿي پوليس ڏوھارين جي ساٿاري تہ بڻيل ناھي، ھن نگران سنڌ حڪومت جي اعلي اختيارين سميت آء جي سنڌ، ڊي اء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو، چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري سندس گھر ۾ لڳل ڌاڙي جا سمورا ڏوھاري جوابدار گرفتار ڪري گھر مان کنيل سونا زيور ۽ بيو قيمتي سامان واپس ڪرائي کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي.
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


