
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)ٺٽي جي عدالت ڪي فور منصوبي جا پائپ ۽ لوھ چوري ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جنگشاهي جي اڳوڻي يوسي ناظم ۽ پ پ اڳواڻ بشير جوکيو ۽ ٽن پوليس اهلڪارن سميت 11 ئي نامزد جوابدارن کي ثبوت نه هجڻ تي پوليس کي رمانڊ ڏيڻ بدران سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب گذريل ڏينهن ايس ايس پي ٺٽو پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي يوسي ناظم پ پ اڳواڻ بشير جوکيو ٽن پوليس اهلڪارن واجد جوکيو ڪامران جوکيو فهيم پليجو سميت 11 جوابدارن کي ڪي فور منصوبي جا قيمتي لکين روپين جا پائپ ۽ لوھ چوري ڪرڻ جي ڪيس ۾ سندن گرفتاري ظاهر ڪندي ڄاڻايو هو ته ابتدائي جاچ بعد مذڪوره جوابدار لوھ ۽ پائپ چوري ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث آھن جڏهن ته 11 ئي جوابدارن جي گرفتاري مڪلي ٿاڻي تي ظاهر ڪرڻ بعد اڄ صبح پوليس جي وڏي نفري ساڻ کين پوليس رمانڊ حاصل ڪرڻ لاء سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٺٽو محمد وقاص افضل جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ پوليس پاران جوابدارن کي پوليس رمانڊ ۾ ڏيڻ لاء عدالت کي استدعا ڪئي وئي عدالت ۾ جوابدارن پاران سينيئر وڪيل ايڊووڪيٽ اعجاز جماڻي پيش ٿي دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته سمورا جوابدار بنا ڪنهن ثنوت جي بنياد تي پراڻي ايف آئي آر ۾ نامزد ڪيا ويا آھن جن جا نالا ايف آئي آر ۾ به نه آھن ۽ بدنيتي جي بنياد تي پوليس کين گرفتار ڪيو آھي عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد گرفتار 11 ئي جوابدارن کي فوري طور ثبوت نه هجڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پوليس رمانڊ ختم ڪري ڇڏي آزادي ماڻيندڙن ۾ جنگشاهي جو اڳوڻو ناظم پ پ اڳواڻ بشير جوکيو جنگشاهي پوسٽ جا 3 پوليس اهلڪار واجد جوکيو ڪامران جوکيو فهيم پليجو ۽ سندن ساٿي وحيد شاھ يوسف پٺاڻ طارق جوکيو امتياز پٺاڻ عباس پٺاڻ نعمت الله پٺاڻ ۽ مصباح جمالي شامل آھن عدالت پاران بري ٿيڻ تي اڳوڻي يوسي ناظم بشير جوکيو چيو ته پوليس بدنيتي جي بنياد تي اسان خلاف ڪوڙو ڪيس مڙھيو جنهن مان عدالت انصاف ڪيو آھي ۽ اسان سڀني جي بري ٿيڻ ڪيس جو ڪوڙو هجڻ جو ثبوت آھي


