موهن جو دڙو تي پورهيت عورت سنڌي کاڌن جو اسٽال قائم ڪري روزگار ڪرڻ لڳي آهي ، موهن جو دڙو تي گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ساڳ، مڇي، مکڻ سان مکيل چانورن جي ماني، بسري، مڇي، پلاء ۽ ٻيا ديسي روايتي ۽ ثقافتي کاڌا فراهم ڪيا وڃن ٿا

موهن جو دڙو(رپورٽر)موهن جو دڙو تي پورهيت عورت سنڌي کاڌن جو اسٽال قائم ڪري روزگار ڪرڻ لڳي آهي ، موهن جو دڙو تي گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ساڳ، مڇي، مکڻ سان مکيل چانورن جي ماني، بسري، مڇي، پلاء ۽ ٻيا ديسي روايتي ۽ ثقافتي کاڌا فراهم ڪيا وڃن ٿا پورهيت عورت جو اسٽال سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي جڏھن ته ڳوٺ ٻلھڙيجي جي رهواسڻ پورهيت عورت حاڪم زادي انصاري مڙس اويس انصاري پٽ محمد حنيف سان گڏ روزاني موهن جو دڙو اچي ٿي ۽ سنڌي کاڌن جي نالي سان قائم ڪيل اسٽال تي کاڌا تيار ڪري موهن جو دڙو تي ايندڙ ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن کي سنڌ جا روايتي ۽ ثقافتي کاڌا فراهم ڪري ٿي جڏھن ته پورهيت عورت پاران قائم ڪيل ننڍڙو اسٽال سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي ٿو اسٽال تي ديسي گهه سان تيار ڪيل کاڌا،سرنهن جو ساڳ، چڻن ۽ مٽرن جي پلي جو ساڳ، بُسري، مکڻ سان مکيل چانورن جي ماني، تريل مڇي، ديسي مرغي جا آنا، مکڻ سان مکيل اوفراٽا ۽ ديسي لذيذ کاڌا صبح کان شام تائين هر وقت ميسر هجن ٿا ۽ سياح مناسب ۽ سستي اگهه تي وڻندڙ کاڌا کائين

ٿا ۽ ملندڙ آمدني مان پورهيت عورت جي گهر جو چلهو ٻري ٿو.ان موقعي تي پورهيت عورت حاڪم زادي انصاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موهن جو دڙو اسان جو ثقافتي ورثو آهي مان واحد ۽ پهرين ڳوٺاڻي عورت آهيان جنهن موهن جو دڙو تي روايتي ۽ ديسي کاڌن جو ننڍڙو اسٽال هنيو آهي ان سان سنڌ جي ثقافت به اجاگر ٿئي ٿي ۽ اسان جي به روزگار جو ذريعو آهي مان پنهنجي مڙس سان گڏ هتي کاڌا تيار ڪري سياحن کي کاڌا فراهم ڪيون ٿا هن چيو ته ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن کي کاڌا پسند اچن ٿا في الحال گهڻي ڪمائي ته ڪونه ٿي ٿئي پر ڪجهه ڏوڪڙ ملي پون ٿا جنهن سان اسان جي گهر جو چرخو هلڻ ۾ مدد ملي ٿي هن چيو ته اسان مسڪين ۽ پورهيت آهيون ديسي ۽ ثقافتي کاڌن جو وڏي پئماني تي اسٽال قائم ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکون انڪري ننڍي پئماني تي اسٽال هنيو آهي ثقافت کاتي کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۽ روايتي سنڌي کاڌن جي پراڻي روايت کي برقرار رکي رهيا آهيون پورهيت عورت جي مڙس اويس انصاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ ٻلھڙيجي موهن جو دڙو جي ويجهو آهي مان ۽ منهنجي گهرواري روزانو هتي اچي ننڍڙي اسٽال تي لذيذ ۽ روايتي کاڌا ٺاهي سياحن کي سستي اگهه تي وڪرو ڪيون ٿا ان سان سنڌ جي ثقافت کي هٿي ملي ٿي ۽ اسان جو به روزگار ٿئي ٿو هن چيو ته سنڌ سرڪار ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيان ٿو ته اسان جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي جيئن اسان هن ڪم کي وڌائي سگهون.هوڏانهن موهن جو دڙو تي آيل ماڻهن سوشل ورڪر انور ڊومڪي عامر علي ڏيرو ذوالفقار علي بليدي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موهن جي دڙي تي پورهيت عورت پاران ديسي ۽ روايتي کاڌن جو مرڪز قائم ڪرڻ بهترين عمل آهي ان سان سنڌ جي ثقافت کي هٿي ملي رهي آهي پورهيت عورت کي روزگار به ٿي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته هتي بهترين ۽ مناسب اگهه تي ديسي کاڌا فراهم ڪيا پيا وڃن.نگران سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي کي هن عورت جي روزگار کي وسيع ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.هوڏانهن انچارج موهن جو دڙو احسان عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هن پورهيت عورت کي ڊي جي عبدالفتاح شيخ جي حڪم تي اسان پورهيت عورت کي سنڌي کاڌن جو هڪ ننڍڙو اسٽال هڻائي ڏنو آھي،هن چيو ته منهنجي ڪوشش آھي ته مان هن پورهيت عورت کي هڪ ڪينٽين هڻائي ڏيان جيئن سنڌي کاڌن کي وڌيڪ هٿي ملي سگهجي.هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار علي شاه توڙي ضلعي انتظاميه کان اپيل ڪئي آھي ته اسان کي هر طرح جي موهن جي دڙي تي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ اسان کي برسات ۾ ڊٿل گهر به ٺهرائي ڏنو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں