جسٽس باقر پاران سنڌ جي صنعتي سرگرمين لاءِ قدرتي گئس جو سندس آئيني حق ڏيڻ لاءِ وزيراعظم کي خط


ڪراچي (19 ڊسمبر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وزيراعظم انورالحق کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي آئين جي آرٽيڪل 158 تحت سندس قدرتي گئس جو جائز حصو ڏنو وڃي ته جيئن صوبي جون صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون آساني سان هلائي سگهجن. وزيراعظم کي لکيل ڊي او ليٽر ۾ وڏي وزير جسٽس باقر چيو ته سنڌ سمورن صنعتي زونن ۾ گئس جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ٻه وڏا مسئلا آهن جن ۾ پهريون هر هفتي ٻن ڏينهن (ڇنڇر ۽ آچر) تي مڪمل پابندي ۽ ٻيو باقي ڏينهن تي گهٽ پريشر ڏيڻ شامل آهن. وڏي وزير پاران لکيل خط ۾ وزيراعظم کي چيو آهي ته ان صورتحال سبب صوبي ۾ صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ صنعتي ۽ ڪاروباري برادري مطالبو ڪري رهي آهي ته فل پريشر سان گئس جي فراهمي ڪئي وڃي تنهن هوندي لاڳاپيل اختيارين پاران ڪوبه مثبت جواب نه مليو آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته گيس جي کوٽ صورتحال خراب ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پاڪستان جو پرڏيهي مٽاسٽا ناڻو 12.302 ارب ڊالر تائين گهٽجڻ سبب گئس جي کوٽ واري صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي ڇوته ايڪسپورٽر ڊيڊ لائين پورو ڪرڻ کان قاصر آهن. خط جي متن موجب وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته آئين جي آرٽيڪل 158 ۾ واضح آهي ته گئس استعمال ڪرڻ جو پهريون حق سندس صوبي جو آهي جتان اها پيدا ٿئي ٿي: سنڌ صوبو ملڪ جي ٽوٽل گئس جو 65 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي ڪندي 211 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ايس ايس جي سي بدران ايس اين جي پي کي الاٽ ڪئي وئي جيڪا هاڻي ايس ايس جي سي کي واپس ڏني وڃي. وڏي وزير وزيراعظم تي زور ڀريو ته نون کوهن مان پيداوار الاٽ ڪئي پئي وڃي جيڪا 50:50 جي شرح تناسب واري تاريخي عمل جي خلاف ورزي آهي جيڪا ماڙي فيلڊ جي الاٽمينٽ هئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ کي آر ايل اين جي (درآمد ٿيل گيس) خريد ڪرڻ تي پڻ مجبور ڪيو پيو وڃي جيڪو آئين جي ڀڃڪڙي آهي ڇوته ڪو به صوبو پابند ناهي ته هو ٻين صوبن کي گيس فراهم ڪري جيستائين اضافي گئس نه هجي. جسٽس باقر وزيراعظم کي هدايت ڪئي ته هو هفتي ۾ ٻه ڏينهن (ڇنڇر ۽ آچر) سمورن صنعتي زونن ۾ گئس جي پابندي ختم ڪري ۽ مڪمل پريشر سان گيس جي فراهمي کي يقيني بڻائي. هن چيو ته قدرتي گئس جو آئيني حصو سنڌ کي ڏنو وڃي ته جيئن صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون هلي سگهن. نگران وڏي وزير، نگران وزيراعظم تي زور ڏنو ته لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وڃي ته صوبي جي وسيع تر مفاد ۾ گئس جو سنگين مسئلو حل ڪيو وڃي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں