
ٺٽو(ڊر) غلام الله لڳ ڳوٺ درس داد ويجھو قائم راجا ڪريش پلانٽ پاران غيرقانوني طور بم ڌماڪا ڪرڻ سبب بيٺل اونھي پاڻي ۾ 3 معصوم ٻارڙيون ٻڏي ويون ھڪ نينگر کي بچايو ويو ٻہ معصوم نياڻيون بيگم ۽ مديحہ بگٽي ٻڏي فوت ٿي ويون ڪابہ ايمرجنسي سھولت نہ ملڻ ڪري غلام الله ھليٿ سينٽر تان ايمبولينس موڪلي کين سول اسپتال مڪلي نيو ويو جتي ڊاڪٽرن ھڪ نينگر کي بچائي ورتو ۽ ٻہ سڳين ڀينرن جي ٻڏي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻنھي ڀينرن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو .ياد رھي تہ مڪلي کان غلام اللہ ويندڙ رستي جي ٻنھي طرفن کان ڪيترائي ڪريش پلانٽ آھن جن ماحول ۾ آلودگي ڦھلائڻ سان گڏ بي وقتائتا ۽ اوچتو ڌماڪا ڪري خوف واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي. فوت ٿيل نينگريون پڻ ڌماڪن جي آواز تي خوف وچان بيٺل پاڻي ۾ ترڪي ڪري پيون جنھن سبب سندن موت واقع ٿيو.
Load/Hide Comments


