گهوٽڪي ڀرسان هٿياربند چئن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ ) گهوٽڪي ڀرسان اغوا ٿيل چار ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا، وارث پريشانين ۾ وٺجي ويا، نشنل هاءِ تان هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل چار ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا

هٿياربند رتڪ ڪمار، مير احمد جلباڻي، خادم حسين سهتو ۽ اختر علي لغاري کي اغوا ڪرڻ بعد راڻا آصف علي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا

ذريعن جو چوڻ آهي ته چئني ڄڻن کي جاگيراڻي گينگ جي ٽولي اغواڪيو آهي، پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءَ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون آهن

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پوليس امن قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، عام ماڻهون پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهن ٿا

ذريعن موجب اغوا ٿيل چارئي شهري جاگيراڻي گينگ جي ٽولي وٽ يرغمال بڻيل آهن، چئن ڄڻن جي اغوا بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي

هٿياربند گذريل رات قومي شاهراهه تان ريتڪ ڪمار، مير احمد جلباڻي، خادم سهتو ۽ اختر لغاري کي اغوا ڪرڻ بعد راڻا آصف علي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا

TAGSbreaking_news

اپنا تبصرہ بھیجیں