
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ضلعي ۾ مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري وڏي تعداد ۾ ماڻھون مليريا بخار ۾ وٺجي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا، وڌيڪ ڪسر کنگ واري شروع ٿيل وائرس پوري ڪري ڇڏي، سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون مريضن مان سٿجي ويون، پر صحت کاتي، ضلعي انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو ۽ نہ ئي يوسي چيئرمينن سميت ٽائون توڙي ميونسپل ڪميٽي انتظاميہ مڇر مار فوھارو ڪرائي سگھي اھي، جنھن ڪري مڇرن جو آزار ڏينھون ڏينھن وڌندو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ضلعي ٺٽي جي مختلف شھرن توڙي ڳوٺن ٺٽو، مڪلي، درگاھ. ستيون، جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو، سونڊا، ساڪرو، غلام الله جي ڪيترن ئي رھواسين دانھيندي چيو آھي تہ گرميون شروع ٿيندي ئي مڇرن جو آزار وڌڻ ڪري اڪثر مرد، عورتون توڙي ٻارڙا مليريا بخار ۾ وٺجي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا آھن ويتر کنگ واري وائرس ماڻھن جو ساھ سڪائي ڇڏيو اھي، پر صحت کاتي اڃان تائين ڪي بہ قدم ناھن کنيا ۽ نہ ئي ضلعي انتظاميہ، يوسي چيئرمينن، ٽائون توڙي ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميہ مڇر مار فوھارو بہ ڪرائي ناھي سگھي، جنھن ڪري روزانو رات جو مڇرن جي آزار ۾ اضافو ٿيڻ ڪري وڌيڪ ماڻھون مليريا بخار ۾ وٺجندا پيا وڃن، پر مليريا بيماري ۾ مبتلا ٿيندڙ ماڻھن جو انتظاميہ توڙي صحت کاتي کي بہ احساس ناھي، ھتان جي رھواسين گھر ڪئي آھي تہ فورن مليريا بيماري تي ڪنٽرول ڪري مليريا ۾ مبتلا ماڻھن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪري مڇر مار ڦوھارو ڪرائي عوام کي مڇرن جي آزار مان نجات ڏياري وڃي.


