سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جي 42هين اجلاس ۾ چئن تفريحي ماڳن ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، هاڪس بي ريسٽورٽ ۽ راڻي ڪوٽ گيسٽ هائوس کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

ڪراچي (16 ڊسمبر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جي 42هين اجلاس ۾ چئن تفريحي ماڳن ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، هاڪس بي ريسٽورٽ ۽ راڻي ڪوٽ گيسٽ هائوس کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير پي پي پي يونٽ کي هدايت ڪئي ته هو ڄاڻايل تفريحي ماڳن جي سار سنڀال ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورن ضروري قدمن بابت پنهنجيون تجويزون پيش ڪري. اجلاس ۾ صوبائي نگران وزير مبين جماڻي، ايشور لال، ارشد ولي محمد، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سنڌ ميمبر بورڊ آف ريوينيو زاهد عباسي، وي سي اين اي ڊي ڊاڪٽر سروش لوڌي، آصف بروهي، سي اي او سنڌ اڪنامڪ زون عظيم عقيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊي جي پي پي پي يونٽ اسد ضامن وڏي وزير کي پي پي پي فريم ورڪ بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي قانوني، اداراتي ۽ ريگيوليٽري سيٽ اپ بابت پنهنجا تجويزون پيش ڪيون. بورڊ پاران پي پي پي جي منصوبن جي ڪاميابين ۽ انعام ڏيڻ جي واکاڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪجهه وڏن منصوبن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي جن ۾ گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل پراجيڪٽ اينڊ روڊ پروجيڪٽ، ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ، ايم 9-اين 5 لنڪ روڊ پروجيڪٽ، واٽر ڪراچي ريسائيڪلنگ واٽر پروجيڪٽ، 5 ايم جي ڊي ڊسيلينيشن پروجيڪٽ ۽ اين اي ڊي ٽيڪنالاجي پارڪ شامل هئا. بورڊ مختلف منصوبن جي ايجنڊا تي بحث ڪيو ۽ ھيءَ فيصلا ڪيا: نبيسر کان وجيهر واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ: منصوبي جو مقصد 65 ڪلوميٽر ڊگھي پائيپ لائين ۽ 45 ڏينهن جي اسٽوريج گنجائش ذريعي ٿر بلاڪ II جي IPPs کي 45 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ آهي. پي پي پي موڊ ۾ پاڻي پهچائڻ واري ميڪنزم جي حوالي سان هي پنهنجي قسم جو پهريون منصوبو آهي. بورڊ کي صوبائي ڪابينا جي منظوريءَ کان آگاهه ڪيو ويو ته منصوبي ۾ 4.6 ارب رپيا ايڪويٽي/سب ڊيٽ ذريعي لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي ته جيئن منصوبي جي فنانس ۾ مدد ڪري سگهجي. بورڊ ڪابينا جي فيصلي کي تسليم ڪندي منصوبي جي مالي ڪلاز جي ڪاميابي کي ساراهيو. موٽر وهيڪل انسپيڪشن پروجيڪٽ جي فزيبلٽي: هي پروجيڪٽ ڪراچي ۾ گاڏين جي چڪاس ۾ تاخير واري مسئلي کي حل ڪندو. خانگي پارٽي 32 اسٽيٽ آف دي آرٽ گاڏين جي انسپيڪشن سينٽر قائم ڪندي جيڪي هلڪي ۽ ڳوري گاڏين جي جديد نموني چڪاس ڪندا. اهو منصوبو مالي طور تي خود مختيار هوندو ۽ حڪومت ان منصوبي لاءِ ڪابه مالي مدد نه ڪندي.بورڊ کي تجويز ڪيل منصوبي جي نمايان خصوصيتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ صوبي ۾ اهڙن منصوبن جي وڏي ضرورت آهي ڇو ته ان سان نه رڳو گاڏين جي حالت بهتر ٿيندي پر صوبي ۾ ماحوليات جا مسئلا به حل ٿيندا. بورڊ هڪ ٽرانزيڪشنل ايڊوائزن کي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن منصوبي کي ٽينڊر ڏيڻ لاءِ تفصيلي فزيبلٽي اسٽڊي ڪري. ماربل سٽي پروجيڪٽ: منصوبي ۾ سنگ مرمر ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن جي قيام لاءِ جديد ترين سهولت فراهم ڪرڻ جا قدم شامل آھن جنهن سان نه رڳو پرڏيهي مٽاسٽا ناڻي جي بچت ٿيندي پر روزگار جا موقعا پيدا ڪري ملڪ جي مجموعي معيشت ۾ پڻ مدد ملندي. بورڊ کي پراجيڪٽ جي پس منظر ۽ بڊ/بولڊنگ جي عمل ۽ ان جي نتيجن کان به آگاهه ڪيو ويو. هن عمل کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ، بورڊ گذريل ٻن سالن ۾ ٻه نظرثاني ٿيل پروجيڪٽ جو خاڪو پيش ڪيا. پهريون خاڪو صوبائي حڪومت سان روينيو شيئرنگ جي بنياد تي ٻولي لڳائڻ/ٽينڊر جي عمل تي ٻڌل هو جنهن ۾ خانگي پارٽين کي پارڪنگ جي مسئلي سان گڏ پلاٽن جي قيمتن ۾ واڌ جو خطرو پڻ هو. ٻيو اختيار منصوبي جي ترقياتي لاڳت جي بنياد تي ٻولي لڳائڻ تي ٻڌل هو. غور ويچار ڪيو ويو ته حڪومت جو مقصد صنعتڪارن کي ماربل انڊسٽري جي قيام ڏانھن ڌيان ڇڪرائڻ آهي. بورڊ ٻئي خاڪي جي منظوري ڏني ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چٽاڀيٽي واري ٻولي لڳائڻ واري عمل کي بين الاقوامي سطح تي پڻ منعقد ڪري سگهجي ٿو ته جيئن وڏي مقابلي کي يقيني بڻائي سگهجي. سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ريسارٽس جي آئوٽ سورسنگ: پروجيڪٽ ۾ پي پي پي موڊ تحت چئن ريزارٽس، ڪينجهر ڍنڍ ريسٽورٽ، هاليجي ڍنڍ ريسٽورٽ، هاڪس بي ريسٽورٽ ۽ راڻي ڪوٽ گيسٽ هائوس کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن سهولتن کي اپ گريڊ ڪري سندن تفريحي ماڳن کي سڌاريو وڃي ۽ اهو منصوبو سنڌ ۾ سياحت کي ھٿي وٺرائيندو جنھن سان ملڪ جي معيشت پڻ ۾ سڌار ايندو. بورڊ کي آگاهه ڪيو ويو ته هن منصوبي لاءِ پرائيويٽ پارٽنرن کي آڻڻ سان نه رڳو موجوده انفراسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ/بحالي ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر انهن جي سار سنڀال جا مسئلا به حل ٿيندا. بورڊ ان کي ساراهيو ۽ هڪ تفصيلي فزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪرڻ لاءِ صلاحڪارن جي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جيئن مقابلي ۾ ٻوليءَ لڳائڻ جي عمل ذريعي پروجيڪٽ کي ترقي وٺرائي ۽ آئوٽ سورس ڪري سگهجي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں