عيد ويجھو ايندي ئي جيپ ڪترا توڙي ٺڳ سرگرم ٿي عوام کي ھٿ جي صفائي سان ڦري ڪنگال ڪرڻ لڳا، انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڇتوچنڊ واسي واپاري عباس ھيجب کي نامعلوم ٺڳن پاران نشو پياري لکيہ روپيا ڪڍي فرار ٿي ويا،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) عيد ويجھو ايندي ئي جيپ ڪترا توڙي ٺڳ سرگرم ٿي عوام کي ھٿ جي صفائي سان ڦري ڪنگال ڪرڻ لڳا، انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڇتوچنڊ واسي واپاري عباس ھيجب کي نامعلوم ٺڳن پاران نشو پياري لکيہ روپيا ڪڍي فرار ٿي ويا، ڦرجي ويل واپاري عباس ھيجب ايس ايس پي ٺٽو کان نوٽيس وٺي ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ڦورو ٺڳن خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي، ٻئي طرف عيد ويجھو ايندي ئي جيپ ڪترن بہ پنھنجي وس مان گھٽايو ناھي ڪيترن ئي ماڻھن جا ھٿ جي صفائي سان کيسا خالي ڪري انھن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي، پر پوليس انھن خلاف ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي.

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) مڪلي ويجھو درگاھ محمد علي شاھ وٽ ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھ تي سوزوڪي ۽ روڊ تي بيٺل وڏي گاڏي ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار 3 ڄڻا سڪندر ولد غلام ملاح، نويد علي ولد يوسف اگھيم ۽ قاتن اگھيم سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال مڪلي آندو ويو، جتان نازڪ حالت ھجڻ ڪري 2 ڄڻن سڪندر ملاح ۽ نويد علي اگھيم کي وڌيڪ علاج لاء ڪراچي موڪليو ويو آھي، جڏھن تہ ٿيل حادثي ۾ سوزوڪي مڪمل تباھ ٿي ويئي اھي.

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ھڪ ھفتو اڳ ٺٽي شھر مان واپاري عارف ميمڻ جي لاپته ٿيل پُٽ احمد رضا ميمڻ جو ڏَس پتو نہ ملڻ توڙي گھڻي ڳولا بعد ھٿ نہ اچڻ تي سندس والد پاران ٺٽي ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائيندي چيو آھي تہ سندس ڪنھن سان بہ ڪا دشمني ناھي، پر ايترا ڏينھن گذرڻ باوجود سندس پٽ جي گمشدگي ظاھر ڪري ٿي تہ کيس اغوا ڪيو ويو آھي، ھن وس وارن کي پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي،
=================

اپنا تبصرہ بھیجیں