
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) سنڌ سائيڪلينگ ايسوسيئشن پاران سنڌ حڪومت جي تعاون سان نشي کان انڪار، زندگي سان پيار واري مھم تحت ڪراچي کان سکر تائين 600 ڪلوميٽر سائيڪلن جو سفر ڪراچي کان 7 سائيڪل سوارن پاران شروع ڪندي پھرين ڏينھن 100 ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪندي ڪراچي کان ٺٽي پھتا، ٺٽي پھتل چيف آرگنائيز ڪليم اعواڻ، چيف ڪوآرڊينيٽر عبدالجبار، ميڊيڪل ايڊوائيزر يوسف مغل ميڊيڪل ايڊوائيز، سائيڪل سوار حبيب الله نيازي، عطا الله ابڙو، عدنان بلوچ، سليم بلوچ، عرفان خان، عدنان خان، شوڪت نيازي چيو تہ اسانجو ڪراچي کان سکر تائين 600 ڪلو ميٽرن جو سائيڪلن تي سفر ڪرڻ جو مقصد عوام کي منشيات جي آزار مان نجات ڏيارڻ لاء نشي کان انڪار، زندگي سان پيار واري مھم سنڌ حڪومت جي تعاون سان شروع ڪئي آھي،
ھنن چيو تہ اسان 27 جنوري تي ڪراچي کان ان مھم جو آغاز سائيڪلن تي سفر ڪندي ڪيو آھي، اسان 100 ڪلوميٽر سفر طئي ڪندي ڪراچي کان ٺٽي پھتا آھيون ۽ روزانو جي بنياد تي 100 ڪلوميٽر سفر ڪندي 6 ھين ڏينھن پھرين فيبروري تي سکر پھچنداسين. ھنن ٺٽي سميت سنڌ جي عوام کي پيغام ڏنو تہ ھو منشيات کان پري رھي پنھنجون زندگيون ان زھر مان بچائي پنھنجي ايندڙ نسلن کي بہ ان زھر مان ھميشہ محفوظ بڻائين پنھنجي زندگين سان پيار ڪن، ھنن انتظاميہ کان پڻ مطالبو ڪيو تہ ھو منشيات کي مڪمل ٻنجو ڏيئي منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروائي ڪري عوام کي منشيات جھڙي لعنت مان نجات ڏياري انھن جي ايندڙ نسلن کي ھميشہ لاء محفوظ بڻائين.


