
ڪراچي (22 آڪٽوبر 2023) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ليبر ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته اھي پنهنجي لاڳاپيل ڊائريڪٽوريٽز کي فعال ڪن ته جيئن صنعتي يونٽن ۾ سمورن پورھيتن خاص ڪري عورتن ورڪرز سان سندن پگهارن، ريگيولر ڪرڻ ۽ رٽائرمينٽ جي حوالي سان امتيازي سلوڪکي ختم ڪري سگهجي ٿو. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ ليبر کاتي ۽ پائلر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪرامت علي جي سربراهي ۾ 29 رڪني وفد جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. نگران وڏي وزير مختلف صنعتي يونٽن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن کي پيش ايندڙ مسئلا ٻڌي ليبر کاتي کي اھي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
گھٽ ۾ گھٽ اجرت:
سڀ کان اھم مسئلو 32000 رپيا گھٽ ۾ گھٽ اجرت مقرر ڪئي وئي آھي جنھن جو اعلان اڳوڻي حڪومت اسيمبليءَ جي فلور تي ڪيو ھو. سيڪريٽري ليبر شارق احمد نگران وڏي وزير کي ٻڌايو تھ گھٽ ۾ گھٽ اجرت 32000 رپيا جي منظوري ڪابينا کان منظور ٿيڻ رھيل آھي. نگران وڏي وزير سندس ھدايت ڪئي تھ ڪابينا لاءِ سمري پيش ڪئي وڃي، ان کي سرڪيوليشن ذريعي منظوري ورتي وڃي ۽ تنھن تي پوءِ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. پورھيت اڳواڻن ان ڳالھھ جي نشاندھي ڪئي تھ ليبر کاتي جا ڪجھھ آفيسر پورھيتن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سٺا اپاءَ وٺندا آھن پر لاڳاپيل آفيسرن جي ھر ھر مقررين ۽ بدلين سبب مسئلا حل ناھن ٿي سگھندا.
عورت پورھيتن سان امتيازي ورتاءَ:
نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته عورت پورھيت کي مرد مزدورن جي ڀيٽ ۾ گهٽ پگهار ڏني ويندي آهي ۽ جڏهن عورت ورڪر کي خاص طور تي ٽيڪسٽائل سيڪٽر ۾ 42 کان 45 ورھين جي ڄمار ۾ پوڙھيو قرار ڏئي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو آھي يا ملازمت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويندو آھي. جسٽس (ر) مقبول باقر ان ڳالهه کي سنجيدگي سان ورتو ۽ ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته هو اهڙي غير انساني تعصب جي خاتمي لاءِ ضروري انتظامي اپاءَ ورتا وڃن. هن چيو ته سينيئر ورڪر خاص طور تي عورت صنعتي يونٽن جو اثاثو ثابت ٿئي ٿي سندس تجربي مان فائدو کڻڻ گهرجي.
صنعتي يونٽن جي چڪاس:
نگران وڏي وزير ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته سمورن صنعتي يونٽن جي انسپيڪشن شروع ڪئي وڃي ۽ انهن جو ريڪارڊ، پورھيتن جو انگ، هر ھڪ پورھيتن کي ادا ڪيل پگهار جي رقم ۽ اتي ڪم ڪندڙ پورھيتن لاءِ ڪنھن بھ واقعي واري صورتحال ۾ طبي امداد ۽ حفاظتي اپائن جي چڪاس ڪئي وڃي ۽ رپورٽ سي ايم سيڪريٽريٽ کي پيش ڪئي وڃي. سيڪريٽري ليبر چيو ته سندس کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ آهي، جنهن لاءِ کاتي گذريل سال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ريڪيوزيشن موڪلي هئي. ان تي نگران وڏي وزير سندس سيڪريٽري حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کي آفيسرن جي تقرريءَ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي درخواست سان گڏ ھڪ نوٽ موڪلي. جسٽس (ر) مقبول باقر ليبر ڪورٽس ۾ اسٽاف جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي پڻ ھدايت جاري ڪئي.
غير صوبائي ڪمپنيون:
پورھيت اڳواڻن هڪ ئي وقت مختلف صوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين/ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جا ڪجهه مسئلا به اٿاريا. سيڪريٽري ليبر نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ته اهڙيون ڪمپنيون صوبائي حڪومت وٽ رجسٽرڊ ناهن. ان تي نگران وڏي وزير ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته اهڙن ادارن يا ادارن جي گروپن جي نشاندهي ڪئي وڃي جن جي ھڪ کان وڌيڪ صوبن ۾ شاخون آھن ۽ ان نڪتي تي قانون واري کاتي کان صلاح گھري وڃي ته ڪيئن انهن کي رجسٽريشن نيٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو.
پورھيتن جي رجسٽريشن:
پورھيت اڳواڻن شڪايت ڪئي ته سيسي ۾ رجسٽرڊ ٿيل مزدورن جو انگ اي او بي آءِ وٽ رجسٽرڊ ٿيل مزدورن کان گهٽ آهي. نگران وڏي وزير ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته سيسي ورڪرن جي ڊيٽا کي اي او بي آءِ سان ڳنڍي کين رپورٽ ڏني وڃي. هن ليبر کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ کي پڻ چيو ته اھي ڪمپنيون ۽ گھرن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرز جو ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي ۽ سندن رجسٽريشن کي يقيني بڻايو وڃي.
ٻارن کان پورھيو ڪرائڻ:
پورھيت اڳواڻن 17 آڪٽوبر 2023ع تي ھڪ فيڪٽريءَ کي باهه لڳڻ واري واقعي ڏانهن اشارو ڪيو جتي ٻن ٻارن جو زندگيون ختم ٿي ويون. نگران وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ليبر کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته جڏهن ٻارن کي صنعتي يونٽ ۾ ڪم ڪرايو پيو وڃي ته اهو ڇا ڪري رهيو آهي؟ هن ليبر کاتي کان واقعي جي رپورٽ گھري ورتي ۽ متاثرن جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. جسٽس (ر) مقبول باقر ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته انهن خاندانن جي ڀلائي لاءِ هڪ سٺو ڪم ڪندڙ ڪانسيپٽ پيپر تيار ڪري جن جا ٻار مزدوري ۾ مصروف آهن. ھن نچيو تھ مان چاهيان ٿو ته ٻارن کي نوڪر طور ڪم ڪرڻ کان بچايو وڃي ۽ ساڳئي وقت سندن گهرن ۾ چلهو ٻرڻ گھرجي تھ جئين سندن خاندان جو پيٽ پالي سگھجي. نگران وڏي وزير چيو ته ليبر کاتي وٽ اهڙيون اسڪيمون شروع ڪرڻ لاءِ وسيلا موجود آهن، جن ۾ چائلڊ ليبر ۾ ملوث غريب خاندانن جي ٻارن کي ووڪيشنل ٽريننگ لاءِ رجسٽرڊ ڪري سندن خاندانن جي سهاري لاءِ اعزازي پگهار ڏئي سگهجي ٿي. نگران وڏي وزير ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته هو مزدورن جي بهتري لاءِ ليبر قانونن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ريفارمز ڪميٽي جوڙي وڃي. هن چيو ته ليبر کاتو ٽي او آرز سان گڏ پورھيتن، ايمپلائرز فيڊريشن، وڪيلن وغيره جي نمائندن تي ٻڌل ريفارمز ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏئي.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ
=======================================
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


