
ميمبر قومي اسيمبلي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ مختلف علائقن جو ھنگامي دورو ، برساتي پاڻي جي نيڪال ، صفائي سٿرائي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو –
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي): ميمبر قومي اسيمبلي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر انجنيئر صادق علي ميمڻ گهارو شهر جي مختلف علائقن جو هنگامي دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال جو معائنو ڪيو ۽ اڳڀرائي جو جائزو پڻ ورتو. ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو ڊاڪٽر راشد چنہ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ايم اين اي صادق علي ميمڻ عوام ۽ علائقي جي معززين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جي بروقت قدمن سبب برساتن کانپوءِ گهارو شهر جي مختلف علائقن مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي ته جيئن کين پريشاني کان بچائي سگهجي. هن چيو ته مڪاني ادارن سميت ٻيا لاڳاپيل ادارا سڄي شهر ۾ فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم موثر طريقي سان ڪيو پيو وڃي جڏهن ته چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميه سموري صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبائي وزير ۽ حڪومتي مشينري شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ موجود آهي ته جيئن عوام کي فوري رليف فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته برسات کانپوءِ حڪومت جي بروقت قدمن سبب صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جن علائقن ۾ اڃا برساتي پاڻي بيٺل آهي انهن جي نيڪال لاءِ تڪڙا قدم کنيا پيا وڃن، ڪنھن بہ ھنگامي صورتحال کي مُنھن ڏيڻ لاءِ صوبائي وزير ۽ حڪومت مشينري مڪمل طور تي متحرڪ آهي.
===============================


