
ڪراچي (9 مئي)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن (پي او اي) جي اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات ڪئي ته جيئن 35هين نيشنل گيمز 2025 جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هن ملاقات کي صوبي ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ اهم قدم سمجهيو ويو آهي. پي او اي جي وفد جي قيادت صدر عارف سعيد ڪئي جڏهن ته سينئر نائب صدر محترمة فاطمه لاہوري، سيڪريٽري جنرل خالد محمود ۽ سنڌ جي سيڪريٽري احمد علي راجپوت پڻ وفد ۾ شامل هئا. وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ راندين وارو سيڪريٽري عليم لاشاري به موجود هئا. سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري نيشنل گيمز جي تيارين، لاجسٽڪس ۽ رٿابندي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وڏي وزير مراد علي شاهه باضابطه اعلان ڪيو ته ڪراچي 6 کان 13 ڊسمبر 2025 تائين 35هين نيشنل گيمز جي ميزباني ڪندو. وڏي وزير ان موقعي کي خوش آئند قرار ڏيندي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته گيمز کي بين الاقوامي معيار مطابق منعقد ڪيو ويندو. وڏي وزير حڪومت کي هدايتون ڏنيون ته رانديگرن کي تربيت، طبي سهولتون، سفر جون سهولتون ۽ جديد انفراسٽرڪچر سميت سڀني بنيادي سهولتن فراهم ڪيا وڃن. هڪ اهم پيش رفت طور وزيراعليٰ نئين سوئمنگ پول جي تعمير ۽ جديد اليڪٽرانڪ ٽائمنگ ۽ اسڪورنگ سسٽمز جي فراهمي جو اعلان ڪيو. هن موقعي تي پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن، حڪومت سنڌ ۽ سندھ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي پڻ صحيحون ڪيون ويون ته جيئن گيمز جي انعقاد لاءِ هڪ مربوط فريم ورڪ قائم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته هي قدم رانديگرن جي فلاح و بهبود ۽ ادارن جي هم آهنگي لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن نوجوان ٽيلنٽ جي تربيت ۽ صوبو ڀر ۾ رانديون فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پي او اي جي صدر عارف سعيد وزيراعليٰ کي نيشنل گيمز بابت تاريخي بريفنگ ڏني ۽ کين انعقاد لاءِ حڪومت سنڌ جي عزم کي ساراهيو. هن چيو ته ايندڙ نيشنل گيمز ملڪ جي رانديگرن ۾ نئون جذبو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت سنڌ ۽ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن ٻنهي وعدو ڪيو ته رانديگرن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ 35هين نيشنل گيمز کي پاڪستان جي راندين جي تاريخ جو يادگار ايونٽ بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندا.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


