ڄامشورو جي يو آء طرفان سنڌودرياء مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو نعريبازي

ڄامشورو سنڌو درياء جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي وڌيڪ ڪئنال ٺاھڻ ۽ سنڌ ۾ وڌڻ بدامني خلاف جمعت علماء اسلام ( JUI ) جي سڏ تي ڄامشورو ۾ جي يو آء تعلقي ڪوٽڙي طرفان شھر جي شاھي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي پاڻي تي وار ۽ بدامني خلاف ڇتي نعريبازي ڪرڻ بعد ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آھي ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن مولانا عبدالصمد رئساڻي مولانا محمد عمر ساجد مفتي محمد انور ڪورائي مولانا مصحب پنھور مولانا مير محمد اوڍو مولانا انور بليدي حافظ دين محمد بروھي ۽ ٻين چيو وفاق طرفان سنڌو درياء جي پاڻي مان وڌيڪ ڪئنال ٺاھي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌ جي سڪائي بنجر ٻڻايو پيو وڃي سنڌ جا ٻيٽ معدني وسيلا کسيا پيا وڃن اھڙي سنڌ دشمن فيصلن خلاف سنڌ جو عوام سراپا احتجاج ڪري رھيو آھي ان احتجاج جو حصو جي يو آء پڻ آھي اسان مطالبو ڪيون ٿا سنڌو درياء مان پاڻي تي ڌاڙو بند ڪيو وڃي ھنن چيو سنڌ اندر بدامني جو راڄ آھي ان ۾ ھتان جي مقامي وڏيرن چونڊيل نمائيندن جو ھٿ آھي ۽ پوليس امن ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي ان بدامني جي باھ ۾ ھر شھري سڙي چڪو آھي ان کي ٻنجو ڏنو وڃي

اپنا تبصرہ بھیجیں