
پريس ريليز:-
ڪراچي( ) ترجمان واٽر ڪارپوريشن پنھنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ چيو تہ ڊپٽي ڊائريڪٽر آر آر جي مرزا اخلاق بيگ خلاف ڪارروائي لاءِ ڪافي سبب آهن تنهنڪري سندس خلاف مجاز اٿارٽي جي منظوري سان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ايڪٽ جي سيڪشن 14 (2) سان گڏ سيڪشن 12 (1) (e) ۽ (k) تحت فوري طور تي انڪوائري جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آھي ۽ ان سلسلي ۾ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايڇ آر ڊي اينڊ اي محمد ثاقب کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي تہ جيئن مرزا اخلاق بيگ جي خلاف بدانتظامي جي بنياد تي هيٺين الزامن جي بيان سان ڪارروائي ڪئي وڃي اختيارين موجب مرزا اخلاق بيگ بطور ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽيڪس جي حيثيت سان آمدني جي وصولي جي لاءِ ان پنهنجي ذميواري جي ابتڙ واٽر ڪارپوريشن ۽ ان جي انتظاميا کي بدنام ڪرڻ جي نيت سان پاڻي جي لائينن جي غيرقانوني ڪنيڪشن کي ڪٽڻ جو سھارو ورتو ياد رهي تہ مٺي پاڻي جو اندازو ٽي ڊي ايس TDS سان ٽي ڊي ايس TDS ميٽر جي چيڪنگ جي ذريعي لڳايو ويندو آهي پر هن مبينا طور تي هڪ وڊيو ٺاهي ۽ مجاز اٿارٽي جي منظوري ۽ اختيار جي بغير TDS جو تعين ڪرڻ کان سواءِ اينٽي ٿيفٽ سيل جو ڪردار ادا ڪيو جڏهن تہ سروي دوران گهٽ ۾ گهٽ 900 ۽ 1500 TDS جڏهن تہ وڌ ۾ وڌ 4000 پي پي ايم TDS نڪتا جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تہ اھيو زير زمين پاڻي آهي ۽ واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان کي سرڪاري ترجمان طور پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان رابطو ڪرڻ جو اختيار حاصل آھي تنهن هوندي ھن ڄاڻي واڻي واٽر ڪارپوريشن پاران قائم ڪيل هدايتن ۽ SOPs جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ اداري کي بدنام ڪرڻ لاءِ واٽر نيٽ ورڪ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي ان کان علاوه حيرت انگيز طور تي ناظم آباد ۾ دلشاد منزل مان هڪ وزٽنگ ڪارڊ هٿ آيو آھي جنهن تي سندس نالو ۽ عهدو ڪوآرڊينيٽر ٽو سي اي او / ايم ڊي لکيل هو جيڪا هڪ ھٿ ٺوڪيل ۽ پاڻمرادو پئسا گڏ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۽ جعلسازي آهي جيڪا هڪ آفيسر لاءِ ناگوار آهي جڏهن تہ مرزا اخلاق بيگ کي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر روينيو وٺ رپورٽ ڪري پنهنجو موقف بيان ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي ھئي پر هن آفيس ۾ حاضر ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ مرزا اخلاق بيگ من گھڙت ڪهاڻين سان گڏ هڪ گمراھ ڪندڙ ۽ تڪراري وڊيو ٺاهي جنھن مان سندن جسماني لئنگويج ۽ رويي مان ظاهر ٿئي ٿو تہ صرف اداري کي بدنام ڪيو وڃي ان کان علاوه هُوءَ اصل حقيقتن کانسواءِ تخريبي سرگرمين ۾ مصروف آهي جڏھن تہ واٽر ڪارپوريشن سميت مختلف کاتن جي عملدارن خلاف شڪايتون ڪري تخريبي سرگرمين ۾ مصروف آهي ۽ ضابطا اخلاق جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪندي مختلف سوشل ميڊيا گروپن تي وائيس نوٽس موڪلڻ ۾ مصروف آهي واضح رهي تہ مرزا اخلاق بيگ خلاف اداري ۾ بي ضابطگين ۽ بدانتظامي سميت اداري جي ساک کي نقصان پهچائڻ تي انڪوائري جي ڪارروائي شروع ڪئي پئي وڃي.
جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن


