تيز برساتن سبب چترال، دير، سوات، شانگله، بونير، ڪوھستان، مانسهره، ايبٽ آباد، چارسده، نوشهره، صوابي، مردان، مري، گليات، اسلام آباد/راولپنڊي، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير، ڊيره غازي خان ۽ ڀرپاسي علائقن جي ندي نالن ۽ مقامي وهڪرن ۾ ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي. خيبر پختونخوا جي پهاڙي علائقن، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ پهاڙ ڪِرن (لئنڊ سلائيڊنگ) سبب ٽريفڪ متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي۔
سخت برساتن سبب اسلام آباد/راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، سيالڪوٽ، فيصلا آباد، سرگودها، پشاور، نوشهره ۽ مردان جي نشيبي علائقن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ جو خدشو آهي۔
تيز هوائن، گجگوڙ ۽ موسلادار برسات سبب روزاني معمول متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪمزور اڏاوتون جهڙوڪ ڪچا گهر، ڀتيون، بجلي جا پول، بلبورڊ، گاڏيون ۽ سولر پينل وغيره کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي۔ مسافرن ۽ سياحن کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته هو سفر دوران خاص احتياط ڪن، موسم مطابق منصوبابندي ڪن ۽ ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کان بچڻ لاءِ موسم جي آگاهي وٺندا رهن۔
موسمي اڳڪٿي:
جمعو: ملڪ جي گهڻن حصن ۾ موسم گرم ۽ نمي وارو رهندو، جڏهن ته شام ۽ رات ۾ اتر خيبر پختونخوا، ڪشمير، اتر اوڀر پنجاب ۽ پوٺوهار علائقن ۾ ڪٿي ڪٿي جزوي طور ابر آلود موسم ۽ برسات/هوائن ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي۔ (امڪان: 45%)
ڇنڇر: خيبر پختونخوا، ڪشمير، پنجاب، اسلام آباد، پوٺوهار، گلگت بلتستان، اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان ۽ ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ برسات، تيز هوائون ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي۔ رات جو اتر خيبر پختونخوا، ڪشمير، اسلام آباد، پوٺوهار ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز/موسلادار برسات به متوقع آهي۔


