پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم مستونگ مدينه مسجد ويجھو عيد ميلاد النبي جي جلوس م ٿيل خودڪش بم ڌماڪي م قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظھار ڪندي


ڪراچي بيورو رپورٽ،
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري
گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم مستونگ مدينه مسجد ويجھو عيد ميلاد النبي جي جلوس م ٿيل خودڪش بم ڌماڪي م قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظھار ڪندي پنھنجي جاري بيان م چيو ت نگران حڪومت کي ملڪ اندر امن امان قائم ڪرڻ وڏو چئلينج آهي جنھن م ھو ھيل تائين ناڪام ٿيا آهن ،سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ت عوام دھشتگردن خلاف متحد آھي دھشتگرد اھڙين بزدلاڻين ڪاررواين م ڪڏھن ب ڪامياب ن ٿيندا،ھن چيو ت نگران حڪومت مستونگ ڌماڪي ء ان کان اڳ ٿيل دھشتگردي جي واقعن جي ذميدارن کي عبرت جو نشان بڻائي،ھن چيو ت مستونگ سانحي جي شھيدن جي وارثن جي غم م برابر جا شريڪ آهيون ء زخمين جي جلد صحتيابي لاء دعاگو آھيون.
====================

ڪراچي بيورو رپورٽ
گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو آھي ت سڪرنڊ ويجھو ڳوٺ ماڙي جلباڻي م ٿيل فائرنگ جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا،پنھنجي جاري مذمتي بيان م ھن چيو ت نگران حڪومت ھوائي دورن ء اجلاس ڪرڻ بجاء عملي قدم کڻندي عوام کي تحفظ فراھم ڪري ،موجودہ پاليسي تحت پوليس کي کليل موڪل ڏيڻ کي سنڌ جو عوام ڪنھن ب صورت م برداشت ن ڪندو،ھن چيو ماڙي جلباڻي م پيش آيل واقعو نااھل نگران حڪومت جي غفلت جو نتيجو آهي ،ھن چيو ت زرداري ليگ پوليس وسيلي پنھنجن مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪري رھي آھي پر ان سازشي ٽولي کي ياد رکڻ گھرجي ت جي ڊي اي سنڌ جي عوام جي حقن جو تحفظ ڪندي ،ھن چيو ت پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت جي پوليس مافيا اڃان تائين موجود آھي،ڊاڪٽر صفدر عباسي مطالبو ڪيو ت ايس ايس پي نوابشاھ کي بنا دير برطرف ڪيو وڃي،ء فائرنگ م ملوث پوليس ء انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي،ء واقعي جي سنڌ ھائي ڪورٽ جي ججن کان صاف شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي.

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں