ھر روز اسانجي گھرن تي حملا ڪري اسانکي خوفزدہ ڪري رھيا آھن، جن گذريل ڏينھن بہ اسان جي گھرن تي حملو ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو آھي


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي شھر جي رھواسي گھراڻا برادري جي ڪيترن ئي مردن، عورتن پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ ٺٽي ۾ بااثر ماڻھن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪري الزام ھڻندي ذڪريا گھراڻو، غلام رسول، رحيم بخش، ڪريم بخش، غلام فاطمہ، بيبي، شھناز، نيامت گھراڻو ۽ ٻين چيو تہ سندن ئي برادري جي بااثرن اسماعيل گھراڻو، فريد، احمد، صدام ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، سڱ نہ ڏيڻ ڪري ھو ھر روز اسانجي گھرن تي حملا ڪري اسانکي خوفزدہ ڪري رھيا آھن، جن گذريل ڏينھن بہ اسان جي گھرن تي حملو ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو آھي، اھڙي رپورٽ ٺٽي ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس اسانجي مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي ۽ نہ ئي جوابدارن کي ٿي گرفتار ڪري، جن مان کين جاني، مالي نقصان جو خطرو آھي، ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کان گھر ڪئي تہ نوٽيس وٺي کين تحفظ ڏيارڻ سان گڏ انصاف فراھم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.پ
====================

اپنا تبصرہ بھیجیں