سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي اختيارين پاران سنڌ جي ناميارن عالمن ، اديبن ، شاعرن ، تعليمدانن ، ڪھاڻيڪارن علامہ غلام مصطفي قاسمي ، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ، ڊاڪٽر اياز قادري ، علامہ علي خان ابڙو ، آغا سليم ۽ حاجي خان مڱڻ جي نالي لاڙڪاڻي ريجن جي تعليمي ادارا منسوب ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي اختيارين پاران سنڌ جي ناميارن عالمن ، اديبن ، شاعرن ، تعليمدانن ، ڪھاڻيڪارن علامہ غلام مصطفي قاسمي ، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ، ڊاڪٽر اياز قادري ، علامہ علي خان ابڙو ، آغا سليم ۽ حاجي خان مڱڻ جي نالي لاڙڪاڻي ريجن جي تعليمي ادارا منسوب ڪري ڇڏيا آهن. تعليم کاتي طرفان اھڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين مصطفي ناريجو پاران نڪتل نوٽيفيڪيشن مطابق علامہ غلام مصطفي قاسمي جي نالي سان گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ميروخان ، ڊاڪٽر اياز قادري جي نالي سان گورنمنٽ بوائز ھا۽ اسڪول سچل ڪالوني لاڙڪاڻو ، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي نالي سان گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول سٽي شڪارپور ، آغا سليم جي نالي سان گورنمنٽ بوائز ھا۽ اسڪول نمبر 2 ، علامہ علي خان ابڙو جي نالي سان گورنمنٽ بوائز ھا۽ اسڪول گجڻ پور لاڙڪاڻو ۽ حاجي خان مڱڻ نالي سان گورنمنٽ بوائز ھا۽ اسڪول گھوگھارو تعلقو قمبر منسوب ڪيا ويا آھن. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تعليمي کاتي جي اختيارين پاران مروج پاليسي تحت انھن تعليمي ادارن تي ناليوارن اديبن ، شاعرن ، عالمن ، تعليمدانن ۽ ڪھاڻيڪارن جا نالا رکيا ويا آھن. لاڙڪاڻي جي اديبن ، شاعرن ۽ ساڃھ وندن تعليم کاتي جي اھڙي قدم کي ساراهيو آهي.
لاڑکانہ رپورٹ محمد عاشق پٹھان
==========

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں