ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو پاران عيد سرگرمين کي نظر ۾ رکندي ssp آفيس مڪلي ۾ سندس صدارت ۾ ھڪ اھم اجلاس ٿي گذريو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو پاران عيد سرگرمين کي نظر ۾ رکندي ssp آفيس مڪلي ۾ سندس صدارت ۾ ھڪ اھم اجلاس ٿي گذريو، جنھن ۾ ضلعي ٺٽي جي سمورن پوليس عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ssp ٺٽو عديل حسين چانڊيو سمورن شريڪ SDPOS، SHOS ۽ انچارج پوليس پوسٽز کي سختي سان ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ عيد الفطر جي موقعي تي فائرنگ ڪندڙن خلاف فورن قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ سميت خريداري مرڪزن، بازارن ۽ اھم چوڪن، چوراھن تي اضافي پوليس نفري مقرر وڌائي سمورا SHOS روڊن تي رھي گشت ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ شھر اندر بہ گشت کي وڌائي داخلي ۽ خارجي رستن تي سنيپ چيڪينگ جو سلسلو جاري رکي پنھنجا فرض سچائي ۽ ايمانداري سان ادا ڪن، ڪابہ غفلت برداشت نہ ڪئي ويندي، ssp ٺٽو عديل حسين چانڊيو پوليس عملدارن کي اھي بہ ھدايتون ڪيون تہ ھو بئنڪن ۽ ٻين اھم سرڪاري ادارن، آفيسن تي پڻ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري مشڪوڪ ماڻھن جي جامع تلاشي وٺي غير ضروري نقل حرڪت تي بہ ڪڙي نظر رکي وڃي جيئن ڪو ناخوشگوار واقعو پيش اچي نہ سگھي.
=====================

اپنا تبصرہ بھیجیں