ٺٽو ڊائري


ٽو ڊائري

رپورٽ علي گوهر قمبراڻي

ٺٽو: سنڌ جي عظيم بزرگ حضرت عبدالله شاه اصحابي جو 386هون ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ مڪلي ۾ شروع ٿي ويو. صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاہ شيرازي، صوبائي سيڪريٽري اوقاف جاويد صبغت اللہ مھر، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف فرخ شھزاد قريشي، ايڊمنسٽريٽر اوقاف ڊاڪٽر نور احمد پهوڙ، مئنيجر اوقاف گُل حسن چوھاڻ ، ڊسٽرڪٽ انفارمیشن آفيسر محفوظ علي سومرو ۽ ٻين سان گڏ درگاهه تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جو باقائدہ افتتاح ڪري ڇڏيو. چادر چاڙهڻ بعد ملڪ جي سالميت، استحڪام، خوشحالي ۽ امن لاءِ دعا گهري وئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاہ شيرازي ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته سنڌ صوفي بزرگن ۽ درويشن جي سرزمين آهي، جن هميشه پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، سندن تعليمات تي عمل ڪرڻ اسان جو فرض آهي، درگاھون روحانيت ۽ فيض جون نديون ۽ اسان سڀني جو قيمتي اثاثو پڻ آهن. هن چيو ته ٺٽو پرامن ضلعو آهي، ان جي باوجود عرس مبارڪ جي مناسبت سان سڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان واڪ ٿرو گيٽس ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائون پڻ لڳايون ويون آهن ته جيئن سيڪيورٽي ۽ مانيٽرنگ واري عمل کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته درگاهن تي زائرين ۽ عقيدتمندن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اوقاف کاتي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، زائرين جي سهولت لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ، پيئڻ جي صاف پاڻي، وضو، واش روم، مسافر خانو، لنگر ۽ ٻيا سمورا گهربل انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته درگاهن جو تقدس هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو، ڪنهن کي به غلط استعمال جي اجازت ھر گز نه ڏني ويندي. صوبائي وزير چيو تہ درگاہ حضرت عبداللہ شاہ اصحابي جي وضو خاني، مسافر خاني ۽ ٻين سھولتن جي فراھمي لاءِ مرمت ۽ بحالي جي مد ۾ 2 ملين روپيا مختص ڪيا ويا آھن. ھن چيو تہ اوقاف کاتي پاران ٺٽي ۾ لائبرري کي ڊجيٽلائيز بڻائڻ لاءِ پڻ 18 ملين روپيا مختص ڪيا ويا آھن تہ جيئن پڙهندڙن جي تعليمي ۽ تحقيقي ضرورتن کي اثرائتي طريقي سان پورو ڪري سگهجي. بعد ۾ صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاہ شيرازي درگاهه جي ماحول جي نگراني لاءِ اوقاف کاتي پاران قائم ڪيل سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم سميت زائرين جي سھولت لاءِ نئين تعمير ٿيندڙ وضو خاني ۽ مسافر خاني جو پڻ معائنو ڪيو. ان موقعي تي پاڳارو منير خليفو، فيروز خليفو کان علاوہ صحافي ۽ معززين پڻ موجود ھئا.

ٺٽو:عشر زڪوات ڪميٽي ضلعي ٺٽي جي چيئرمين حاجي عبدالڪريم شورو چيو آھي تہ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي جي خاص ھدايتن تي اسان غريب، مسڪين، معذور ماڻھن جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ لاء آيا آھيون، اسان جيترو وقت بہ رھياسين انھن جي خدمت ڪري انھن جي ضرورتن کي وس آھر پورو ڪندا رھنداسين، ھن اھي ڳالھيون عشر زڪوات ڪميٽي جي مڪلي واري آفيس ۾ مختلف علائقن کان آيل نابين، معذور، مستحق ماڻھن سان گڏجاڻي ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو، عشر زڪوات ڪميٽي ضلعي ٺٽي جي چيئرمين حاجي عبدالڪريم شورو چيو تہ کيس چارج سنڀاليندي 6 مھينا ٿيا آھن، پر ھيستائين وٽس 8 ھزار کان وڌيڪ درخواستون جمع ٿي چڪيون آھن، جڏھن تہ کين ھر ديھ مان 9 ماڻھن سميت پوري ضلعي ٺٽي مان کين 2040 ماڻھن جي لسٽ ڏيڻي ھوندي آھي، ھن چيو تہ سندس چارج وٺڻ کان اڳ 44 لک روپيہ ليپس ٿيڻ سان گڏ اڳوڻن چيئرمينن جا اڪائونٽ ڊارمينٽ ٿي ويا آھن، جنھن بعد ھاڻي مقرر ٿيل ديھ وائيز چيئرمينن جا اڪائونٽ کلي ناھن سگھيا، اسان نيشنل بئنڪ جي انتظاميہ کي گزارش ڪئي آھي تہ ھو اسانجي چيئرمين جا نوان آسان اڪائونٽ کولين تہ جيئن مستحق ماڻھن کي انھن جي منظور ٿيل قسط جاري ڪري سگھون، ھن چيو تہ وٽن غريب خاندانن جي نياڻي جي جيز لاء انھن نياڻين کي بہ پنھنجو اڪائونٽ کولرائڻو پوندو، ھن چيو ھي ادارو غريب بيواھ، مسڪين، معذور ماڻھن جي خدمت وارو ادارو آھي، پر ان جي بجيٽ تمام گھٽ آھي، ھن صوبائي وزير عشر ۽ سيڪريٽري عشر زڪوات کي اپيل ڪئي تہ ھو نيشنل بئنڪ انتظاميہ کي ليٽر جاري ڪرائين تہ جيئن ديھ وائيز چيئرمين جا نوان آسان اڪائونٽ کلن تہ جيئن مستحق ماڻھن تائين رسائي کي يقيني بڻائي سگھجي، حاجي عبدالڪريم شورو چيو تہ اسانجي عشر زڪوات ڪميٽي جي مڪلي واري آفيس بہ زبون حال بڻيل آھي، جنھن مان چاپوڙا ڪرڻ بہ روز جو معمول بڻيل آھي، جنھن ڪري اسان ھر وقت خطري ھيٺ آھيون، ھن گھر ڪئي تہ جلد کان جلد ديھ وائيز چيئرمين جا نوان آسان اڪائونٽ کولرائي اداري جي بچيٽ وڌائي سندس زبون حال آفيس جي مرمت ڪرائي کين امڪاني نقصان کان بچايو وڃي، ان موقعي تي ڊي زيڊ او ٺٽو مرتضيٰ راھمون ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

ٺٽو:پنڪ گيمز 2025 ٺٽو ۾ ٺٽي جي ڄائي اريبه صفدر ٽيبل ٽينس مقابلن ۾ فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. سنڌ حڪومت گرلز سطح جي مقابلن کي فروغ ڏيڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ پنڪ گيمز 2025 منعقد ڪيا ويا آهن، جنھن ۾ ٺٽي ضلعي جا مقابلا اسپورٽس ڪمپليڪس ٺٽي ۾ جاري آهن، جتي گرلز جي سطح جي ھنن مقابلن ۾ ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن، ٿرو بال ۽ فٽبال جا ايونٽس ٿي رهيا آهن. جنھن ۾ اريبه صفدر انهن ضلعي سطح جي ٽيبل ٽينس مقابلن ۾ فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آھي، راندين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي او اسپورٽس ٺٽو علي اظهر بروهي چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن، خاص طور تي ڇوڪرين کي راندين جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري رهي آهي. اهي صحتمند سرگرميون پڻ هن جي هڪ ڪڙي آهن. انهن مقابلن جو مقصد ڇوڪرين کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. اسان جي ڇوڪرين ۾ صلاحيت آهي، اسان جو ڪم انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. انهن راندين جا فائنل اڄ ٺٽي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ٿيندا ۽ کٽيندڙ رانديگرن ۾ انعام پڻ ورهايا ويندا.

اپنا تبصرہ بھیجیں