ذهني بيماري جي ماڻهو کي ذهني صحت تي توجه ڏيڻ گهرجي ۽ علاج ڪرائڻ گهرجي انڪري ته هوگهر ۽ سماج جو هڪ ڪارآمد ماڻهو ٿي سگهي .پاڪستان ۾ 5کان 6ڪروڙماڻهو ذهني بيماري ۾ مبتلاآهن

ڪراچي (رپورٽر)ذهني بيماري جي ماڻهو کي ذهني صحت تي توجه ڏيڻ گهرجي ۽ علاج ڪرائڻ گهرجي انڪري ته هوگهر ۽ سماج جو هڪ ڪارآمد ماڻهو ٿي سگهي .پاڪستان ۾ 5کان 6ڪروڙماڻهو ذهني بيماري ۾ مبتلاآهن .هڪ اندازي جي موجب 70سيڪڙو علاج نٿاڪرائي .اهڙي ڳالهين جو اظهار منيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي نفسياتي اسپتال جي ڊاڪٽر سيد عبدالرحمن گلشن اقبال ۾ ڪراچي نفسياتي اسپتال جي هڪ شاخ جو افتتاح ڪندي ڪيو آهي .ڊاڪٽرسيد عبدالرحمن چيو ته پاڪستان جي 25سيڪڙو آبادي ذهني بيماري سان متاٽر آهي .هن چيو مقصد هئي آهي ته چئن ماڻهو مان هڪ ماڻهو ذهني بيماري ۾ متبلاهوندو آهي .هن جو چوڻ آهي جنهن ماڻهو کي ذهني بيماري هوندي آهي هو خودڪشي ڪرڻ جي لاءِ تيار هوندو آهي .ڊاڪٽر وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ذهني بيماري کي غلط طريقي سان استعمال ڪيو ويندو آهي ته جنات اچي ويو آهي جادوٿي ويو آهي ،جنهن ڪري ماڻهو جعلي حڪيمن ،نقلي عالمن وٺڻ ويندا آهن .اگر نفسياتي علاج جو چيو وڃي ماڻهو چوينداآهي اسان پاگل آيو چا .ڊاڪٽر سيد عبدالرحمن موجب علاج جي اچڻ وارن جو ڊپريشن 26.2سيڪڙو،15سيڪڙوشيزوفرينيا۽ 13.1جنسي بيماري هوندي آهي .پاڪستان ۾ هرسال ذهني بيماري جي ڪري 2هزار 3سئو ماڻهو موت جو شڪار ٿيندا آهن جڏهن ته نشه جي ڪري 3هزار 4سئو50ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن .ڊاڪٽر سيد عبدالرحمن چيو اگر ماڻهو ذهني بيماري ۾ متبلاآهي ته هن فوري ماهر نفسيات سان رجوع ڪرڻ گهرجي .دير ٿي وڃن سان گهروارن ۽ سماج جي لاءِ مشڪلون پيدا ٿي سگهن ٿيون .هن چيو ته مريض جي گهروارن کي ڊاڪٽر سان مڪمل سهڪار ڪرڻ گهرجي .ڊاڪٽر سيد عبدالرحمن چيو ته ڪراچي نفسياتي اسپتال ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهي آهي پر سماج ۾ ذهني بيمارين کي ڏسي اسان فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ شاخون کوليون ويندي هن ڪري تي اسان عوام کي نه صرف علاج بلڪ آگاهي ڏيڻ به چاهيون ته اسان سنڌجي سموران ڊسٽرڪٽ اهڙي اسپتالون ٺاهيندسين ته هر ماڻهو آساني فائدو حاصل ڪري سگهي .ان موقعي تي ڪراچي نفسياتي اسپتال جو باني ڊاڪٽرمبین اختر،گلشن اقبال ٿائون جو ناظم ۽ ٻياڊاڪٽر موجود هئا .

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں