
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) پاپوليشن کاتي ٺٽي طرفان 11 جولاء آبادي جي عالمي ڏيھاڙي جي موقعي تي ھڪ سيمينار پاپوليشن کاتي ٺٽي جي مڪلي واري آفيس ۾ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار کي خطاب ڪندي پاپوليشن کاتي ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر ٺٽو قاضي نديم سرور، ADHO ھيلٿ ٺٽو ڊاڪٽر يامين شاھ، مرف جي انچارج ملڪ آدم، اين آر ايس جي ڊاڪٽر آڪاش عباسي، سول سرجن سول اسپتال ٺٽو ڊاڪٽر ممتاز چوھاڻ، ڊاڪٽر دائود ھيلايو، سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جي حميرہ علي، ڊاڪٽر سنيھرہ، ھينڊس جي ثمينہ، ياسر پليجو، طارق ۽ بين چيو تہ آبادي




جي لحاظ کان پاڪستان پنجين نمبر تي اچي ويو آھي، ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي، جنھن لاء گھٽ ۾ گھٌٽ 2 سال لاء وقفو ضروري آھي، جنھن سان ٻار ۽ ماء جي صحت بھتر رھڻ سميت ٻار جي ضرورتن کي بہ پورو ڪري سگھجي ٿو، ان لاء اسان سڀني کي گھرجي تہ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاء جاڳرتا مھم ھلايون، جيئن آبادي تي ڪنٽرول ڪري سگھون. ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر ٺٽو قاضي نديم سرور چيو تہ سڀني لاء ھڪ لچڪدار ۽ برابري واري مستقبل جي حوالي سان ڊيٽا جي طاقت کي گڏ ڪرڻ ضروري آھي، جنھن تي پڻ عمل پيرا اھيون، ھن چيو تہ ان سلسلي ۾ مڪلي، گھارو سميت مختلف شھرن ۾ بيبي شو پڻ ڪيا پيا وڃن، جنھن وسيلي بہ عوام کي ڄاڻ ڏني پئي وڃي، ھنن چيو تہ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ٻن سالن جي وفقي سميت ھاڻي 5 کان 10 سالن جي وفقي جي پڻ ويڪسين اچي ويئي آھي، ھن چيو تہ پاپوليشن کاتي ٺٽي طرفان ھر سال ھن ڏيھاڙي کي ڀرپور نموني ملھائي عوام کي پيغام ڏنو وڃي ٿو تہ ھو آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء اختيار ڪيل تدبيرن تي عمل ڪن، جيئن ھو خوشحال زندگي گذاري سگھن. سيمينار کان اڳ پاپوليشن کاتي ٺٽي طرفان دبئي سينٽر مڪلي کان پاپوليشن کاتي جي آفيس تائين ھڪ جاڳرتا ريلي پڻ قاضي نديم سرور، سول سرجن ڊاڪٽر ممتاز چوھاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي.


