ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جي خاص ھدايتن تي ٺٽي ضلعي جي پوليس پاران ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن،


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جي خاص ھدايتن تي ٺٽي ضلعي جي پوليس پاران ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن، ان سلسلي ۾ CIA ٺٽي جي انچارج انسپيڪٽر ممتاز علي بروھي جھمپير/ٺٽو مين روڊ KDA نالي ويجھو ڪاروائي ڪندي ھڪ مھراڻ ڪار تي چاپو ھڻي ڪار کي تحويل ۾ وٺي ٻن گٽڪا مٽيريل سپلائير جوابدارن احمد ٻارچ ۽ مير حسن گندرو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 48 ڪلو گٽڪا مٽيرل، 200 پيڪٽ گٽڪا ماوا ھٿ ڪري مٿن مڪلي ٿاڻي تي گٽڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو آھي، ٻئي طرف SHO گھارو محمد علي ڌامراھ ۽ SHO ڪيٽي بندر منير ھڪڙو ڪاروائي ڪندي ٻن ڏوھارين يونس سومرو ۽ مير جوڻيجو کي ٻن بنا لائيسنس پسٽلن سميت گرفتار ڪري مٿن مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتا آھن، ٻئي طرف صحافين سان ڳالھائيندي CIA ٺٽي جي انچارج ممتاز علي بروھي چيو تہ SSP ٺٽو جي خاص ھدايتن تي ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھي، ھن چيو تہ ٺٽو/جھمپير روڊ KDA نالي ويجھو ڪاروائي ڪندي ٻن گٽڪا مٽيرل سپلائير جوابدارن احمد ٻارچ ۽ مير حسن گندرو کي گٽڪا مٽيرل ۽ گٽڪا ماون سميت گرفتار ڪري مٿن مڪلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري سندن ڪار کي پڻ تحويل ۾ ورتو ويو اھي، ھن چيو تہ ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن، جيڪي سندن مڪمل خاتمي تائين جاري رھنديون، ممتاز علي بروھي چيو تہ ڏوھاري توڙي منشيات فروش ڪيترو بہ بااثر ڇونہ ھجي پر ھو قانون کان ڪڏھن بہ بچي ڪونہ سگھندو، ھن منشيات فروشن ۽ ڏوھارين کي صلاح ڏني تہ ھو پنھنجون ڏوھاري سرگرميون ختم ڪري شريفاڻي زندگي اختيار ڪن نہ تہ اسان سندن اھڙو حشر ڪنداسين جو کين پوء پڇتائڻ کانسواء ڪجھ بہ حاصل ٿي نہ سگھندو. .

اپنا تبصرہ بھیجیں