“اسان کي پنهنجي تقرير ۽ تحرير ۾ وطن جي مثبت پاسن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي.” بلديات کاتي وارو صوبائي وزير سيد ناصر شاهه

تاريخ: 23 نومبر 2025

سنڌ جي بلديات کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ ۾ منعقد ٿيل ستين آل پاڪستان ٻه-لساني تقريري مقابلي ۾ خاص مهمان طور خطاب

ڪراچي، 23 نومبر 2025: ستين آل پاڪستان ٻه-لساني تقريري ۽ تحريري مقابلو ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ ۾ منعقد ٿيو. هن تقريب ۾ قومي صلاحيتن سان گڏ مقامي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف سيشن منعقد ڪيا ويا. انهن ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ڪيٽيگري مقابلي ۾ شامل هئا. مقامي صلاحيتن کي اثرائتي انداز ۾ ٻڌڻ لاءِ، اسڪول ڪيٽيگري سيشن الڳ الڳ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ميرپور خاص، سانگهڙ، شهدادپور ۽ شهيد بينظير آباد جا 09 اسڪول شامل هئا. ملڪ جي 33 مشهور ۽ نامور تعليمي ادارن مان 66 بهترين مقررين ڪاليج ڪيٽيگري ۽ يونيورسٽي ڪيٽيگري ۾ حصو ورتو. مقررين سنجيده ۽ مزاحيه موضوعن تي متاثر ڪندڙ تقريرون ڪيون. پاڪستان جي مشهور ادارن جي پروفيسرن ۽ علمي ۽ ادبي شخصيتن ججز جا فرض نڀايا. تقريب ۾ تعليمي ادارن جي سربراهن ۽ اعليٰ سول عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. هن شاندار تقريب جو مهمان خاص سنڌ حڪومت جي بلديات ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ کاتي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه هو. ان سان گڏ سينيٽر قرة العين مري ۽ نوابزاده ڄام شبير علي خان به هئا. مھمان خاص خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسان لاءِ الله تعاليٰ جي هڪ نعمت آهي. اسان کي پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ پنهنجي وطن جي پازيٽو پھلوئن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن مقررين کي انهن جي شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني ۽ مقابلي جي ڪامياب انعقاد لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. ان کان اڳ ڪمانڊنٽ/پرنسپل ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ، ڪموڊور ذيشان علي ستاره امتياز (ملٽري) استقباليه خطاب ۾ چيوته آئون مھمان خاص ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل معزز مهمانن ۽ تقريري مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سڀني معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ فن خطابت جي اهميت تي تفصيل سان روشني وڌي.

ستين آل پاڪستان ٻه-لساني انگريزي تقريري مقابلي ۾ اسڪول ڪيٽيگري ۾ بحريه فائونڊيشن ڪاليج سانگھڙ پھرين پوزيشن, حيات اسڪول ڪيمپس حيدرآباد ٻي پوزيشن , جڏهن ته ٽين پوزيشن ميمڻ اسڪول ۽ ڪاليج شھدادپور حاصل ڪئي. اسڪول ڪيٽيگري ۾ اردو تقريري مقابلي ۾ ميمڻ اسڪول ۽ ڪاليج شھدادپور پھرين پوزيشن, ڪيڊٽ ڪاليج اورماڙا ٻي پوزيشن , جڏهن ته ٽين پوزيشن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو.
اردو تقريري مقابلي ۾ ڪاليج ڪيٽيگري حيات اسڪول ۽ ڪاليج مين ڪيمپس حيدرآباد پھرين پوزيشن , گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ملير ڪينٽ ڪراچي , جڏهن ته ٽين پوزيشن بختاور ڪيڊٽ ڪاليج حاصل ڪئي.

ستين آل پاڪستان ٻه-لساني انگريزي تقريري مقابلي ۾ يونيورسٽي ڪيٽيگري ۾ بحريه يونيورسٽي پھرين پوزيشن, ٻي پوزيشن گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٹي , جڏهن ته ٽين پوزيشن بحريه يونيورسٽي آف ھيلٿ سائنسز حاصل ڪئي.

ستين آل پاڪستان ٻه-لساني تقريري مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي جي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي مھمان خاص سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون انعام ڏنا ويا.
تقريب دوران دلچسپ ثقافتي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا. شرڪت ڪندڙن ۽ مهمانن رائيڊنگ ڪلب، شوٽنگ رينج، فيض محل آرٽ گيلري، سوئمنگ پول، ڪاليج گارڊن ۽ ٻين هنڌن جو دورو ڪيو. ان سان گڏ ڪاليج ڊيري فارم تي گي سواري ۽ تازي چانهه جو به بندوبست ڪيو ويو، جنهن مان مهمانن تمام گهڻو لطف اندوز ٿيا. شرڪت ڪندڙن ڪاليج انتظاميا کي پنهنجي رهائش دوران ٽيبل جي ميزباني ڪرڻ تي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو.

محمد شبیہ صدیقی
ڈائریکٹر میڈیا مینجمنٹ
صوبائی وزیر بلدیات و ہاوسنگ و ٹاٶن پلاننگ ، حکومت سندھ

اپنا تبصرہ بھیجیں