ٺٽو ڊائري

رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي

ٺٽي پوليس جي وڏين دعوائن باوجود ڏوھن تي ضابطو اچي نہ سگھيو، وڌيڪ ھڪ دڪاندار ڦرجي ويو، تفصيل موجب گذريل رات دير سان ٺٽي شھر جي شيرازي گلي ۾ قائم ميمڻ ٽيلرز شاپ جي شٽر جا ڪي نامعلوم چور تالا ٽوڙي دڪان ۾ رکيل گراھڪن جا 15 کان وڌيڪ نون ڪپڙن جا جوڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، اھڙي رپورٽ ٺٽو پوليس وٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي، ٻئي طرف ٺٽي شھر جي شيرازي گلي ۾ قائم ميمڻ ٽيلرز شاپ جي مالڪ امين ميمڻ ۽ سندس ڀاء لڪي ڪميونيڪيشن جي مالڪ گل عزيز فرياد کڻي تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن ضلعي صدر اشرف چنڊ ميمڻ ۽ ٻين وٽ سندن آفيس پھچي ويا، جتي ٿيل سموري چوري کان آگاھ ڪيو، جتي تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر اشرف چنڊ ميمڻ ڦرجي ويل واپارين کي خاطري ڪرائي تہ ھو ساڻن گڏ آھن ۽ سندن ٿيل نقصان جو ھر صورت ۾ ازالو ڪرائي ڏوھارين کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو. تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر اشرف چنڊ ميمڻ وڌيڪ چيو تہ ٺٽي ضلعي ۾ امن و امان جي صورتحال تمام خراب آھي، اسان ايس ايس پي ٺٽو کا مطالبو ٿا ڪريون تہ قانوني ڪارروائي ڪري متاثر واپارين جي ٿيل چوري واپس ڪرائي چورن کي فوري گرفتار ڪري واپارين جي ملڪيتن جو تحفظ ڪيو وڃي.

ٺٽو:سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي جيلن ۾ قيد خطرناڪ قيدين کي سکر منتقل ڪرڻ جو فيصلو، جهرڪ يا ملير ۾ هڪ هزار ايڪڙ ايراضي زمين تي خطرناڪ قيدين لاءِ مخصوص جيل ٺھرائڻ جو پڻ پروپوزل، تفصيل موجب جيلن واري کاتي جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو آھي ته سينٽرل جيل ڪراچي ۾ 7 هزار 2 سئو قيدي ۽ لانڍي جيل ڪراچي ۾ 6 هزار 4 سئو قيدي موجود آھن جيڪي گنجائش کان وڌيڪ آھن تنهنڪري خطرناڪ ڏوهارين ۽ وڏن ڪرمنلز کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو پيو وڃي ٺٽي لڳ ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور پاران سندس مان ۾ ڏنل افطار پارٽي واري تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي جيوي پاڪستان نيوز سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو ته جيلن جو ماحول دنيا کان مختلف هجي ٿو سنڌ اندر خطرناڪ قيدين لاء هڪ مخصوص جيل تعمير ڪرائڻ لاء سنڌ حڪومت کي لکيو ويو آھي ۽ تجويز ڏني وئي آھي ته ٺٽي لڳ جهرڪ ۾ يا ملير واري علائقي ۾ هڪ هزار ايڪڙ ايراضي زمين مختص ڪري ڏني وڃي ته جيئن سنگين ڏوهن ۾ ملوث وڏن خطرناڪ قيدين کي اُتي رکي سگهجي. صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته مڪلي تي زير تعمير ڊسٽرڪٽ جيل جو ڪم آخري مرحلي ۾ آھي عيد کانپوء ٺٽو جيل کي قيدين لاء کولي ان جو افتتاح ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته ٺٽو ڊسٽرڪٽ جيل کي ماڊل جيل بڻائي رهيا آھيون جنهن ۾ ٺٽي سجاول ۽ بدين جي قيدين کي رکيو ويندو ۽ ٺٽو ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدين جي گنجائش 2 هزار جي رکي وئي آھي. ان موقعي تي افطار پارٽي تقريب ۾ ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور پ پ ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي گهوڙاٻاري ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين رمضان پنهور ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي وائيس چيئرمين ممتاز جلباڻي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.


ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو ۽ سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي فخرالنساء جي خاص هدايتن تي انسپيڪٽر موٽر وهيڪل عبدالشڪور جوکيو عوام کي رليف ۽ بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ گاڏين جي چيڪنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. انسپيڪٽر موٽر وهيڪل عبدالشڪور جوکيو فيلڊ چيڪنگ دوران اوور لوڊنگ، اوور چارجنگ، روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ جي عدم دستيابي، گيس سلنڊر ۽ ٻين خلاف ورزين جي الزام ۾ 20 کان وڌيڪ پبلڪ ٽرانسپورٽ گاڏين جا ڪاغذات ضبط ڪندي ڊرائيورن کي خبردار ڪيو آهي ته اوور لوڊنگ ۽ اوور چارجنگ کان پاسو ڪن جڏهن ته 3 ڏينهن اندر سڀني گاڏين مان ايل پي جي گيس سلنڊر هٽائي ۽ روٽ پرمٽ جي موجودگي کي يقيني بڻائين، ٻي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هُن ٽرانسپورٽرن کي پڻ خبردار ڪيو آهي ته مسافرن کان وڌيڪ پئسا وٺڻ کان پاسو ڪن ۽ ٽريفڪ ضابطن جي مڪمل تعميل کي يقيني بڻائين. هن ڊرائيورن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته اهي رفتار جي حد تي عمل ڪن ۽ تيز رفتاري کان پاسو ڪن. هن چيو ته اوور چارجنگ، اوور لوڊنگ، گئس سلنڊرن جي موجودگي ۽ روٽ پرمٽ جي عدم موجودگي جي صورت ۾ کين ڳري جرماني ۽ سخت ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ گاڏين جي فيلڊ چيڪنگ روزانہ جي بنياد تي جاري رهندي.

ٺٽو:سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ خطرناڪ صورت اختيار ڪري ورتي ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو کان به وڌي وئي اڻ اعلانيه طور اڪثر واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بند ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي سنگين کوٽ واري صورتحال سبب لاڙ وارن ضلعن ٺٽو سجاول بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ڏڪاري حالتون جنم وٺڻ لڳيون زراعت کانپوء پيئڻ لاء پاڻي جي به سنگين کوٽ سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورت اختيار ڪرڻ باوجود پنجاب سميت اپر اسٽريم ۾ قائم تڪراري فلڊ ڪئنالن ۾ ساڍا 11 هزار ڪيوسڪس پاڻي جي غير قانوني کڻت جاري سنڌو درياءُ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ سنگين صورت اختيار ڪرڻ باوجود تڪراري فلڊ ڪئنالن چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال ۾ 35 سئو ڪيوسڪس، منگلا جهلم ڪئنال ۾ 36 سئو 36 ڪيوسڪس ٿل ڪئنال ۾ ساڍا 4 هزار ڪيوسڪس ڪڇي ڪئنال ۾ 5 سئو ڪيوسڪس ۽ ڊيرا غازي خان ڪئنال ۾ 4 هزار ڪيوسڪس پاڻي جي ڇوڙ برقرار ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ وڌي وڃڻ بعد ٺٽي ۽ ڪينجهر کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪي بي فيڊر برانچ ۾ صرف 28 سئو 80 ڪيوسڪس ڇڏيو پيو وڃي جنهن مان 15 سئو ڪيوسڪس ڪينجهر ۾ ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي بحال رکڻ لاء ڇڏيو پيو وڃي جنهن سبب ضلعي جي سمورن واهن ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ڪوٽڙي بئراج کان سجاول ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ضلعن کي پاڻي فراهم ڪندڙ ٻن واهن اولڊ ڦُليلي ۽ نيو ڦُليلي واهن ۾ پاڻي جي ڇوڙ پڻ خطرناڪ حد تائين گهٽائي وئي جڏھن ته اڪرم واھ ۾ صرف 8 سئو ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو پيو وڃي ڪوٽڙي بئراج جي اپ اسٽريم ۾ پاڻي وهڪرو 6 هزار 1 سئو 75 ڪيوسڪس تي پهچڻ بعد ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو کان به وڌي وئي جڏهن ته سکر بئراج تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 24 هزار ڪيوسڪس ۽ ھيٺانهون وهڪرو 7 هزار 5 سئو ڪيوسڪس رڪارڊ ٿيڻ بعد سکر بئراج تي به پاڻي جي کوٽ 40 سيڪڙو تائين پهچي وئي گڊو بئراج تي مٿانهون وهڪرو 26 هزار 9 سئو 95 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانهون وهڪرو 22 هزار 5 سئو 81 ڪيوسڪس تي پهچڻ ڪري ٽنهي بئراجن تي پاڻي کوٽ خطرناڪ صورت اختيار ڪري وئي تربيلا ۽ ڪابل ڊيمن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌو درياءُ ۾ پاڻي وهڪرا بدستور گهٽجڻ لڳا اسڪردو ۾ گرمي جو پد انتها درجي تائين گهٽجي 8 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچڻ سبب برف پگرجڻ جو عمل به رڪجي وڃڻ سبب پاڻي جي وڌيڪ سنگين کوٽ وڌڻ لڳي پاڻي جي سنگين کوٽ سبب سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ سنگين ڏڪاري حالتون جنم وٺڻ لڳيون زرعي فصلن کي سخت نقصان رسڻ کانپوء شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران وڌڻ لڳو زير زمين جر جو پاڻي به کُٽڻ جون شڪايتون وڌڻ لڳيون

ٺٽو:سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ سنگين ٿيڻ لڳي ٽنهي بئراجن تي 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي مسلسل لاٿ جاري ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ وڌي سنگين صورت اختيار ڪرڻ سبب لاڙ وارن ضلعن ۾ ڏڪاري صورتحال، پيئڻ لاء به واهن شاخن ۾ پاڻي عدم دستياب ڪوٽڙي بئراج تي 24 ڪلاڪن دوران 6 سئو ڪيوسڪس پاڻي جي لاٿ، ڪوٽڙي بئراج جي اپر اسٽريم ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي 5 هزار 9 سئو 75 ڪيوسڪس تي پهچي ويو ڪوٽڙي بئراج مان ٺٽي سجاول بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪي بي فيڊر اڪرم واھ اولڊ ڦليلي ۽ نيو ڦليلي واهن ۾ پاڻي جي فراهمي خطرناڪ حد تائين گهٽائڻ سبب چئني لاڙ جي ضلعن جي واهن ۽ شاخن مان واري اڏامڻ لڳي سکر بئراج تي پڻ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 سئو 60 ڪيوسڪس جي لاٿ سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 24 هزار 10 ڪيوسڪس کان گهٽجي 22 هزار 5 سئو 50 ڪيوسڪس تي پهچي ويو اهڙي ريت گڊو بئراج تي پڻ پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري 24 ڪلاڪن دوران گڊو بئراج تي هڪ هزار 34 ڪيوسڪس پاڻي جي لاٿ گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو 26 هزار 9 سئو 95 ڪيوسڪس کان گهٽجي 25 هزار 9 سئو 60 ڪيوسڪس تي پهچي ويو گڊو بئراج جو هيٺانهون وهڪرو پڻ هڪ هزار 35 ڪيوسڪس گهٽجي ويو گڊو بئراج جو ميٺانهون وهڪرو 22 هزار 5 سئو 81 ڪيوسڪس مان گهٽجي 21 هزار 5 سئو 46 ڪيوسڪس تي پهچي ويو گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌو دريا جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي لاٿ سبب سنڌ جي سمورن واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ واري صورتحال پيدا ٿي وئي لاڙ واري خطي ۾ ڏڪاري صورتحال پيدا ٿيڻ سبب شھري توڙي ٻھراڙي جي آبادين کي پيئڻ لاء پاڻي به فراهم نه ٿيڻ لڳو اڪثر علائقن جا رهواسي جر جو غير معياري ۽ تلائن جو بيٺل گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور وارابندي جو به بهتر شيڊول نه هجڻ سبب لاڙ وارن ضلعن ۾ ڪڻڪ جي فصل کي سخت نقصان گهربل پاڻي نه ملڻ ڪري هن ڀيري ڪڻڪ جي فصل جو ايوريج انتهائي گهٽ لهڻ جو خدشو آبادگار هاري توڙي ماهيگير طبقو پريشان جڏهن ته ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو دريا جي پيٽ مان واري اڏامڻ لڳي ملاحن جون مياڻيون ويران بڻجي وڃڻ ڪري هزارين ملاح پڻ بيروزگار بڻجي ويا

ٺٽو:جماعت اسلامي ٺٽي پاران جماعت اسلامي ٺٽي جي امير عبدالله آدم گندرو پاران ٺٽي لڳ ڳوٺ محمد خان منگسي ۾ رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ غريب، مسڪين ماڻھن ۾ راشن تقسيم ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي ٺٽي جي امير عبدالله آدم گندرو چيو تہ انسانيت جي خدمت ڪرڻ ۾ سڪون ملي ٿو، ھن چيو تہ جماعت اسلامي پاران ڳوٺ محمد خان منگسي ۾ ڪيترن ئي غريب، مسڪين خاندانن ۾ رمضان جي ھن ڀلاري مھيني ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو آھي، جيئن غريب، مسڪين خاندان پريشاني کان بچي سگھن، ھن چيو تہ جماعت اسلامي، الخدمت فائونڊيشن جي تعاون سان ھن کان اڳ بہ ڪيترن ئي غريب، مستحق ماڻھن جي مدد ڪري چڪي آھي، ھن چيو تہ جماعت اسلامي پوري ملڪ اندر ايندڙ قدرتي آفتن، تڪليف ۾ ورتل ماڻھن جي ھر وقت مدد ۽ خدمت ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل رھي ٿي، ان ڪري ھر ماڻھون کي گھرجي تہ مصيبت سٽيل ماڻھن جي ھر ممڪن مدد ڪن، جيئن تڪليف زدہ ماڻھون انھن تڪليفن مان نجات پائي سگھن.

ٺٽو:جونيئر ذوالفقار علي ڀٽي چيو آھي تہ 26هين آئيني ترميم کانپوء ھنن حڪمرانن فيصلو ڪيو آھي ته آئين ۽ قانون کي عزت ناهي ڏيڻي صوبن جا پاڻي ۽ ٻين وسيلن تي حق به تسليم نه پيا ڪيا وڃن ٺٽي ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ لکمير پالاري جي ڀاءُ نظر پالاري جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ھن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي رڳو پنجاب ۽ سنڌ جو مسئلو نه آھي هاڻي پنجاب جا ماڻھو به آواز اٿاري رهيا آھن ڇاڪاڻ جو پنجاب جي ماڻھن جي زمينن تي به قبضا ٿي رهيا آھن ھن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو اصل مقصد حڪمرانن پاران پرافٽ ڪمائڻ لاء آھي هي منصوبو غريب عوام کي کارائڻ جو منصوبو نه آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ملڪ جي غريب پورهيتن ۽ ھارين جي ڪمائيءَ کي ٻاهر وڪرو ڪيو ويندو ته جيئن اُھي حڪمران ڪمائي ڪري سگهن جونيئر ذوالفقار علي ڀٽي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته حڪمرانن جون پاليسيون اسان غريب عوام جي حق ۾ نه آھن نه ئي اُھي زمينون اسانجون آھن ڪيش ڪراپ جي نالي تي زمينن مان اپت ڪمائي ٻاهر اماڻيو ويندي ھن چيو ته ايئن محسوس ڪرايو پيو وڃي ته سنڌ ۽ سرائيڪي بيلٽ پاڪستان جو حصو نه آھن بلڪه هڪ ڪالوني آھن، انگريزن جيئن اسان تي قبضو ڪيو تيئن هي به ڪري رهيا آھن جڏھن منهنجو والد شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان آيو ته ان وقت به حالتون ساڳي هيون پيپلزپارٽي عوام جي حقن تي راتائو هڻي رهي هئي منهنجي والد ملڪ ۾ اچي چونڊن ۾ حصو وٺي اهو اعلان ڪيو ته شھيد ڀُٽي جي پيغام کي اڳتي وڌائي عوام کي انصاف ڏياري ماحولياتي تباهين کان بچايو ويندو پر حڪمران ان جي بلڪل ابتڙ ھليا ويا آھن ھن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو ۽ منهنجي والده منهنجي مدد ڪري رهيون آھن ۽ آئون پنهنجي ڀيڻ فاطمه کانسواء ڪجھ به نه آھيان ھن وڌيڪ چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ جي حوالي سان اڃا ڪوبه فيصلو ناھي ڪيو ڇو ته چونڊن لاء اڳواٽ تياري ڪرڻي پوندي آھي جنھن لاء خاندان جي مشاورت تمام ضروري آھي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مختلف ھنڌن تي پارٽي جي اڳواڻن سان عذر خواهي ڪرڻ بعد ڇتو چنڊ لڳ مير مرتضي ڀٽي سان گڏ شھيد ٿيندڙ شھيد رحيم بروهي جي گھر پھچي سندس والدھ سان گڏ افطار پڻ ڪئي

اپنا تبصرہ بھیجیں