پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر محترمہ سسئي پليجو چيو آھي تہ سنڌ کي حقيقي ۽ انصاف ڀريو نظام ڏيڻ ۽ برابري وارو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آھي تہ سنڌ جي ڀوتارڪي، پيراڻي ۽ سرداري نظام مان جان ڇڏائجي، معصوم فاطمہ ڦرڙو جي بيرحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر محترمہ سسئي پليجو چيو آھي تہ سنڌ کي حقيقي ۽ انصاف ڀريو نظام ڏيڻ ۽ برابري وارو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آھي تہ سنڌ جي ڀوتارڪي، پيراڻي ۽ سرداري نظام مان جان ڇڏائجي، معصوم فاطمہ ڦرڙو جي بيرحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي، قتل جو انصاف ٿيڻ گھرجي، جيڪي بہ ماڻھو، ڀوتار ان ۾ ملؤث آھن سڀني کي سزا ملڻ گھرجي. ھن اھي ڳالھيون ٺٽي جي نوجوان صحافي منصور جلالاڻي سان سندس ڏاڏيء جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيون. سسئي پليجو سکر جي سينيئر صحافي جان محمد مھر جي قتل جي پڻ مذمت ڪندي چيو تہ ان جي قتل ۾ ملوث جوابدار اڃان تائين گرفتار ٿي ناھن سگھيا، جنکي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. ھن چيو تہ بيوسي، لاچاري ۽ ويڳاڻپ سنڌ جو نصيب نہ ھجڻ گھرجي، ڪو بہ معاشرو ان وقت تائين جمھوريت وارو نٿو ٿي سگھي جيستائين عام ماڻھو جي انصاف جو تقاضائون پوريون نٿيون ٿين، اھا ذميواري رائج حڪومتن جي ھجي ٿي. ھن چيو تہ سنڌ جي ماڻھن کي اھي سموريون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن جيڪي ملڪ جي باقي صوبن جي ماڻھن کي ملن ٿيون.
==========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں