ٺٽي شھر سميت پوري ضلعي ۾ سموري منشيات جو ڪاروبار عروج تي ھجڻ سان گڏ آڪڙي پرچي، جوا جا اڏا بہ کلي عام جاري آھن،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي شھر سميت پوري ضلعي ۾ سموري منشيات جو ڪاروبار عروج تي ھجڻ سان گڏ آڪڙي پرچي، جوا جا اڏا بہ کلي عام جاري آھن، جن کان پوليس ڀتو وصول ڪندي کين ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي، جنھن ڪري نوجوان نسل جون زندگيون داء تي لڳي ويون آھن، پر اتنظاميہ انھن خلاف ڪابہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ان سلسلي ورتل ڄاڻ موجب ٺٽي ضلعي جي ھر ننڍي، وڏي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ کلي عام آئس، ھيروئن، چرس، ڪچي شراب ٺري، گٽڪي، مائي، مين پڙي سميت سموري منشيات جو ڪاروبار پوليس جي نگراني ۾ عروج تي پھچڻ سان گڏ آڪڙا ۽ جوا جا اڏا بہ کليل آھن، خاص طور تي ٺٽي شھر ۾ 20 کان مٿي آڪڙي پرچي جي اڏن سان گڏ جوا جا اڏا کليل آھن، جنھن ڪري نوجوان نسل خاص طور تي اسڪولي شاگردن جون زندگيون منشيات واپرائڻ توڙي پاڻ کي آڪڙا پرچي ۽ جوا جي اڏن تي ڪنگال بڻائي تباھ ڪري رھيا آھن، پر حد جي پوليس منشيات فروشن، آڪڙا پرچي توڙي جوا جي اڏن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء انھن کان ڀتا وصول ڪندي انھن کي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي، جنھن ڪري منشيات فروش نوجوان نسل کي تباھي طرف ڌڪي رھيا آھن، ھتان جي شھرين آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آھي تہ ٺٽي شھر سميت پوري ضلعي مان منشيات، آڪڙا، جوا جا اڏا بند ڪرائي انھن خلاف سخت ڪاروائي ڪري نوجوان نسل خاص طور تي اسڪولي شاگردن کي ان زھر مان نجات ڏياري سندن زندگيون بچائي زھر ڦھليندڙ ۽ عوام کي ڪنگال ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ضلعي کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں