
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جا اڻپورا خواب ۽ وڌندڙ ناانصافيون
ڪڏهن سوچيو هو ته ملڪ جي خدمت ڪندڙ ملازم پنهنجي گهر ۾ به سک جو ساهه کڻندا؟ ۔۔۔ پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي ۔۔۔ سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي زندگي هر سال جي آخر ۾ نئين ڏکن، ناانصافين ۽ محرومين سان ڀرجي وڃي ٿي ۔۔۔
وفاقي ۽ صوبي ملازمن جي پگهارن ۾ ايترو وڏو فرق آهي جو اهو سماجي بي انصافي جو سڀ کان وڏو مثال بڻجي چڪو آهي ۔۔۔ وفاقي ملازم 50 هزار وٺي ٿو، ته ساڳي گريڊ جو سنڌي ملازم رڳو 30 هزار تي گذارو ڪري ٿو ۔۔۔ ڊسپيرٽي ريڊڪشن الاوئنس (DRA) وفاق کي ملي ٿو، پر سنڌي ملازم ان لاءِ دربدر آهن ۔۔۔

> ”ساڻس ظلم ٿيندو رهي ٿو پر هو چپ آهي،
پنهنجي ئي گهر ۾ قيد آهي، حقن کان محروم آهي“

گهر ڀاڙي ۾ فرق ڏسو ته دل روئي پوي ۔۔۔ وفاقي ملازم کي 50 کان 85 هزار تائين هائوس رينٽ ملي ٿو، جڏهن ته سنڌ جي ساڳي اسڪيل جو ملازم صرف 2200 رپيا وٺي ٿو ۔۔۔ ڇا ڪراچي، حيدرآباد يا سکر ۾ ڪنهن کي 2200 رپين ۾ هڪ ڪمرو به ملي سگهي ٿو؟ ۔۔۔ اهو ظلم ناهي ته پوءِ ڇا آهي؟

حڪومت جي نئين پينشن پاليسي ته ڄڻ ملازمن لاءِ زهر جو پيالو آهي ۔۔۔ سڄي زندگي ملڪ لاءِ محنت ڪندڙ ملازم کي ريٽائرمنٽ تي به سک نه ٿو ملي ۔۔۔ پراڻي پاليسي ختم ڪري سهولتون گهٽائڻ، ملازمن کي ڏکن جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏڻ جي برابر آهي ۔۔۔
> ”رات جي اونداهه ۾ به انهن جا دک سجايا ويا،
محنتن جا صلا نه مليا، خواب اجايا ويا“
23 سيپٽمبر کان سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي لکين ملازم تالا بندي ۽ احتجاج ۾ شامل آهن ۔۔۔ 40 کاتن جا 8 لک کان وڌيڪ ملازم روڊن تي آهن ۔۔۔ اسڪولن ۾ تعليم معطل، آفيسون بند، ۽ شهر ويران نظر اچن ٿا ۔۔۔ ملازمن جا نعرا گونجي رهيا آهن:
“اسان جو حق اسان کي ڏيئو” ۔۔۔
“پينشن پاليسي واپس وٺو” ۔۔۔
“مهانگائيءَ خلاف جنگ جاري رهندي” ۔۔۔
ملازمن جو اعلان آهي ته جيڪڏهن حڪومت سندن گهرجن کي نظرانداز ڪندي رهي، ته 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس آڏو تاريخي ڌرڻو ڏنو ويندو ۔۔۔
افسوس اهو آهي ته سنڌ حڪومت سڀ ڪجهه ڏسي به اکيون بند ڪيون ويٺي آهي ۔۔۔ هن بيحسي جو نتيجو رڳو ملازمن جي ڏکن تائين محدود نه رهندو، پر سموري سماج ۾ مايوسي ۽ بيچيني وڌائيندو ۔۔۔
> ”حق وٺبو، جيتوڻيڪ رت وهڻو پوي،
انصاف ملندو، جيتوڻيڪ انتظار ڊگهو ٿئي“
هاڻي وقت آهي ته حڪومت پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري، ڇو ته ملازم ئي ادارن جي ريڙهه جي هڏي آهن ۔۔۔ انهن جي محنت، پسين ۽ قربانين سان ملڪ هلي ٿو ۔۔۔ ۽ جيڪڏهن انهن جا خواب ئي ٽوڙيا ويا، ته پوءِ ملڪ جا ادارا به ڪمزور ٿي ويندا ۔۔۔
عبدالحمید بوزدار


