
رپورٹ محمد عاشق پٹھان
ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جو ايم ٽي ورڪشاپ جو دورو، پوليس گاڏين جو معائنو ڪيو.
وزٽ جي دوران ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر، آر آءِ پوليس لائينز، ايم ٽي او ۽ ايم ٽي ورڪشاپ جا ڊرائيور به ايس ايس پي شڪارپور سان گڏ هئا.
وزٽ جي دوران پوليس موبائيلز ۽ ٻين گاڏين سميت اي پي سي چين جو به معائنو ڪيو ان سان گڏوگڏ پوليس موبائيلز ۽ اي پي سي چين جي مرمت لاءِ گهربل ڪم جو به جائزو ورتو.

ايس ايس پي شڪارپور ايم ٽي او کي هدايتون جاري ڪيون ته گاڏين جي صفائي، آئل ۽ ٻين مينٽيننس کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ايم ٽي ورڪشاپ جي مشاورت سان گاڏين جي ضروري مرمت جو ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي.
ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور ايم ٽي او، تمام ايس ايڇ اوز ۽ موبائيل ڊرائيورن کي هدايتون جاري ڪيون ته جيڪڏهن گاڏين ۾ ڪا به فني خرابي هجي يا ڪو ٻيو ڪم گهربل هجي ته هو فوري طور تي لاڳاپيل آفيسرن کي اطلاع ڪن جيئن ان جي فوري مرمت ڪرائي سگهجي ته جئين وقت تي مسئلو حل ڪري سگهجي.
ايس ايس پي شڪارپور گاڏين سميت ايم ٽي سيڪشن جي صفائي سٿرائي ۽ رڪارڊ جي درستگي لاءِ هدايتون به جاري ڪيون.
==================
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


