ضلعي چيئرمين ٺٽو پاران گھوڙاٻاري ۾ الٽرا فلٽريشن آر او پلانٽ جو افتتاح –


ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي): چیئرمین ضلع ڪائونسل ٺٽو عبدالحمید پنهور چيو آھي تہ پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور ئي عوام جي خدمت ڪرڻ آھي. ھُن چيو تہ صوبائي وزير علي حسن زرداري عوامي خدمت ۾ يقين رکندي ضلعي ٺٽي ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرايا آھن تہ جيئن ھتان جي عوام کي سندن گهربل بنيادي سھولتن جي فراھمي کي يقيني بڻائي سگهجي. اھڙين ڳالھين جو اظھار ھُن صوبائي وزير ورڪس سروس ۽ جيل علي حسن زرداري جي خاص هدايتن تي چیئرمین ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري محمد رمضان پنهور پاران گهوڙاٻاري شهر جي عوام کي پيئڻ لاء صاف پاڻي جي فراھمي لاء الٽرا فلٽريشن آر او پلانٽ جي افتتاح بعد ڳالھائيندي ڪيو. ھُن چيو تہ جديد ٽيڪنالاجي ۽ قابل تجديد توانائي جي مدد سان مقامي ماڻهن جو ھي اھم مسئلو حل ڪيو ويو آهي جيڪو گهوڙاٻاري جي شھرين کي روزانو 24 ھزار گيلن صاف پاڻي مھيا ڪندو. ھن چيو تہ آر او پلانٽ سولر سسٽم تي ھلندو جيڪو بجلي جي لوڊشيڊنگ جي مسئلي جي پيش نظر ھڪ پائدار حل پڻ آھي. ان موقعي تي چیئرمین ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري محمد رمضان پنهور، پيپلزپارٽي تعلقه گهوڙاٻاري جو انفارمیشن سيڪريٽري غلام نبي شيخ، وائيس چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري ممتاز علي شورو، ضلع ڪائونسل جو ميمبر سچل خاصخيلي، ايم مظفر شيخ، علائقي جا معززين ۽ شھري پڻ موجود هئا.

==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp


8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے

( 03094386375 )
WhatsApp


Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact

( 03094386375 )
WhatsApp
================================

اپنا تبصرہ بھیجیں