آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين CBA ٺٽو طرفان مزدورن جي عالمي ڏيھاڙي جي موقعي شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام ۽ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ھڪ ريلي واپڊا آفيس مڪلي کان پريس ڪلب مڪلي تائين

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين CBA ٺٽو طرفان مزدورن جي عالمي ڏيھاڙي جي موقعي شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام ۽ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ھڪ ريلي واپڊا آفيس مڪلي کان پريس ڪلب مڪلي تائين ملازم اڳواڻ منور علي تارو، عبدالقيوم خاصخيلي، عبدالرحمن خان، نيڪ محمد کوسو، سھراب خاصخيلي، گلاب لنڊ، غلام قادر ميربحر، عطھر خان جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ اڄ مزدورن جو عالمي ڏيھاڙو ملھايو پيو وڃي، پر مزدورن سان ساڳيو اڳ وارو حشر آھي، مزدورن کي نہ پورو اجورو ٿو ملي ۽ نہ ئي انھن لاء ڪا پاليسي ٿي جوڙي وڃي، جنھن ڪري مزدور طبقو بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھي، ھنن چيو تہ شڪاگو جي شھيدن پنھنجي حقن خاطر اڇن جھنڊن کي ڳاڙھو ڪري پنھنجون جانيون تہ قربان ڪري ڇڏيو پر انھن سرمائيدارن اڳيان نہ جھڪيا، ھن وقت بہ مزدور طبقو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن وٽ يرغمال بڻجي انھن جي عطاب ھيٺ زندگي گذارن تي مجبور بڻيل آھي، پر حڪمران پورھيتن جي تقدير تبديل ڪرڻ لاء تيار ناھن، ھنن شڪاگو جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي گھر ڪئي تہ مزدورن کي پنھنجا سمورا بنيادي حق ۽ مزدوري جو پورو اجورو ڏيئي انھن لاء پاليسي جوڙي کين ھن مھنگائي مان نجات ڏياري، واپڊا کي نجڪاري حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻئي صورت ۾ ان جي مڪمل خاتمي تائين سندن جدوجھد جاري رھندي.
======================

اپنا تبصرہ بھیجیں