
اصغر سومرو
هر سال 25 آڪٽوبر تي عالمي فنڪارن جو ڏينهن ملهائبو آهي. ان سلسلي ۾ آچر تي سجاد سهاڳ جي اڳواڻي ۾ ميڊيا فورم پاران سنڌي فنڪارن جو ڏينهن ڪراچي ۾ ملهائڻ لاءِ هڪ خوبصورت پروگرام رکيو ويو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ سڀ نالي وارا سنڌي فنڪار، راڳي ۽ سوشل ميڊيا جا اداڪار شرڪت لاءِ موجود هئا—جن ۾ صلاح الدين تنيو، سڪينه سمون، اسد قريشي، حيدر قادري، اصغر کوسو ۽ علي گل ملاح سميت ٻيا به شامل هئا. مان هتي روايتي رپورٽنگ بدران ڪجهه اهڙيون ڳالهيون شيئر ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪي مون ڏٺيون ۽ ٻڌيون.
جنهن ٽيبل تي مان ويٺو هئس، اتي منهنجي ساڄي پاسي حيدر قادري، کاٻي پاسي اصغر کوسو ۽ علي گل ملاح ويٺل هئا. جڏهن ثقافت جو وزير ذوالفقار شاه پنڊال ۾ داخل ٿيو ته حيدر قادري مونکي چيو ته ذاتي طور شاه صاحب سٺو ماڻهو آهي، باقي کاتي بابت ڪجه نٿو چوان. ڀرسان ويٺل اصغر کوسي به چيو ته منافق ناهي. مان ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي اڃان اهو سوچي رهيو هئس ته ڇا واقعي شاه صاحب ايترو سٺو آهي يا رڳو ذاتي تجربن جي بنياد تي اهڙو تاثر آهي؟ شاه صاحب پنهنجي تقرير ۾ چيو ته علي گل ملاح منهنجو فون نٿو کڻي، مون ڪافي ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان سندس والد جي وفات تي تعزيت به ڪرڻ چاهيان ٿو. علي گل کلندي پنهنجي ڪرسي تان اٿي چيو ته “سائين، هتي ئي دعا گهري وٺو!”
شاه صاحب پنهنجي تقرير ۾ اهو به زور ڏئي چيو ته “مان وزير ناهيان، عوام جو نوڪر آهيان.” پر حقيقت اها هئي ته سندس داخلا کان وٺي اسٽيج تي اچڻ تائين مڪمل پروٽوڪول ۽ فاصلي جو احساس صاف ظاهر ٿي رهيو هو، ايتري تائين جو ميزبانن کي اسٽيج تي ويٺل رجب فقير کي به داد ڏيڻ وسري ويو.
اسان جي سماجي نفسيات جو اهو حال آهي ته اسان اقتدار ڌڻين جي سٺائي يا خرابي ذاتي لاڳاپن جي بنياد تي ماپيندا آهيون—جيڪو مون سان تعزيت ڪري، شادي ۾ اچي يا خيرسگالي ڏيکاري، اهو “سٺو ماڻهو”، ۽ جيڪو نه اچي، اهو “خراب”. اهڙن ذاتي معيارن سبب اسان جو اجتماعي ضمير ڪمزور ٿي ويو آهي، نتيجي ۾ فرد ته اڳتي وڌي رهيا آهن پر سماجي قدر پوئتي رهجي ويا آهن. فن ۽ فنڪارن بابت به اها سوچ بدلڻ جي ضرورت آهي. فنڪارن کي ذاتي طور مدد ڏيڻ بدران فن ۽ فنڪارن جي اجتماعي فائدي لاءِ سوچڻ گهرجي.
اٽلي ۾ ان جو بهترين مثال آهي، جتي هر نوجوان کي 18 ورهين جي عمر ۾ حڪومت “ڪلچر بونس” جي نالي تي پنج سئو يورو (ڏڍ لک رپيا) ڏئي ٿي ته هو ڪتاب، ٿيٽر، سينيما يا موسيقي تي خرچ ڪري. ان سان نه رڳو ثقافتي سرگرمين ۾ واڌ ٿئي ٿي پر نون فنڪارن لاءِ مارڪيٽ به تيار ٿئي ٿي. اهڙا پروگرام هتي ڇو نٿا شروع ٿين؟
سنڌ سرڪار جي حالن کان ته سڀ واقف آهيون، پر خانگي شعبي جا حال به ڪجهه بهتر ناهن. اصغر کوسي چيو ته “سنڌي ميڊيا پنهنجي غرور سبب زوال جو شڪار ٿي آهي. پهرين فنڪار ٽي وي تي اچڻ لاءِ منٿون ڪندا هئا، هاڻي ٽي وي چينل فنڪارن کي منٿون ٿا ڪن.” بيشڪ دور بدلجي ويو آهي—رڳو سنڌي نه، پر اردو ۽ انگريزي ميڊيا لاءِ به. ڊجيٽل ميڊيا جي اچڻ بعد روايتي اخبار، ريڊيو ۽ ٽي وي جو اثر گهٽجي ويو آهي، البت سنڌي ميڊيا جون ڪمزورين تي ڪنهن ٻي موقعي تي تفصيل سان ڳالهه ڪنداسين.
پروگرام ۾ اڳوڻي ايم پي اي قاسم سومري سان به مختصر ڪچهري ٿي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي، ٿر جا قدرتي وسيلا ۽ سنڌو درياهه جو پاڻي به زير بحث آيا. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ جر جو پاڻي زهريلو ٿي رهيو آهي، جنهن سان ڪينسر جا مريض وڌي رهيا آهن. هر سال اربين رپيا واٽر بارن ڊزيز تي خرچ ٿين ٿا، پر جيڪڏهن صاف پاڻي مهيا ٿئي ته اهي پئسا به بچن ۽ ماڻهو به صحتمند رهن. ڊاڪٽر ايوب شيخ کلندي چيو ته “اهو ممڪن ناهي، ماڻهن جو ڀلو ترجيحن ۾ شامل ناهي. سنڌ ۾ خراب حڪمراني جي جڙ ئي اهو “ون پوائنٽ ايجنڊا” آهي، جنهن جو مقصد صرف عوام جو پئسو کڻڻ آهي.” سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ جا اديب، فنڪار ۽ دانشور گڏجي انهيءَ ون پوائنٽ ايجنڊا کي چئلينج ڪندا؟
آخر ۾ جڏهن اصغر کوسي ٻڌايو ته هو ڪڏهن هوٽل تي بيراگري ڪندو هو ۽ اڄ الله کيس عزت ۽ شهرت ڏني آهي، تڏهن علي گل ملاح چيو ته “اسان به ڪهڙا ڊي سي جا پٽ هئاسين، سڀ غريب جا ٻار آهيون.” انهن ڳالهين مان هڪ ڳالهه صاف ٿي ته سنڌ جا اڪثر فنڪار غريب ۽ مسڪين آهن. تنهنڪري، هنن فنڪار کي رڳو تفريح جو ذريعو نه پر سنڌ جي غريب عوام جو آواز بڻجن کپي. فن جو اصل مقصد صرف ماڻهن جي دل خوش ڪرڻ ناهي، پر سماج بهتر ڪرڻ به آهي.


