
سنڌ ۾ آيل مها ماحولياتي ٻوڏ 2022ع مورزادي ۽ سندس مڙس علي محمد جي خاندان کي بي گهرڪيو. شڪارپور ضلعي جي علي آباد ڳوٺ ۾ سندن خانداني گهر، سندن اکين سامهون تباهي ڪندڙ ٻوڏ جي ڪري ملبي ۾ تبديل ٿي ويو. اهو خاندان، جيڪو سالن کان پنهنجي گهر ۾ هڪ خوش ۽ خوشحال زندگي گذاري رهي رهيو هو، ڏسندي ڏسندي روڊ جي ڪناري تي رهڻ تي مجبور ٿي ويو. علي محمد، هڪ ماهر درزي هوپنهنجي گهر ۾ ڪم ڪري روزي ڪندو هو. ٻوڏ جي ڪري پنهنجي گهر سان گڏ پنهنجي روزي به وڃائي چڪو هو. ٻوڏ سندن سڀ ڪجهه کڻي وئي هئي، خاندان کي پٺي تي پاتل ڪپڙن کان سواءِ ڪجهه به نه ڇڏيو.
مورزادي انهن اونڌائي ڏينهن کي ياد ڪندي چوي ٿي، ” برسات اسان وٽ ڪجهه به نه بچايو. نه پناهه، نه کاڌو، نه ڪپڙا ۽ ٻيون سامان.” هن وڌيڪ ٻڌايو ته ” خوشي جي ڳالهه اها هئي جو سنڌ حڪومت ان صورتحال ۾ اسان وٽ هڪ مددگار طور پهتي. جنهن سان اسان کي ٻيهر جياپي جي اميد پيدا ٿي.“ حڪومت جي سروي ٽيم اسان جي ڳوٺ جو دورو ڪيو، ٻوڏ سبب پيل نقصانن جو جائزو ورتو ۽ مورزادي جي خاندان کي به نئون ۽ محفوظ گهر تعمير ڪرڻ جي مدد لاءِ اهل سمجهيو ويو.
” سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) جي ٽيم به اسان جي گهر آئي. محفوظ گهر جي تعمير ۽ بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولائڻ ۾ رهنمائي ڪئي. زندگي ۾ پهريون دفعو بئنڪ وڃڻ، پنهنجي نالي تي اڪائونٽ کولڻ ۽ گهر جي تعمير لاءِ رقم وصول ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي خوشي ۽ فخر جي ڳالهه هئي. مون ڪڏهن به اهو نه سوچو هو. انهن جي ڀرپور مدد ۽ رهنمائي سان نئون ۽ محفوظ گهر جي تعمير سان گڏ برساتن سبب خاندان جي ٽٽل زندگين کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ملي.“ مورزادي وڏي اعتماد سان پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو.
” قسطن ۾ مليل 300،000 روپيا مليا، پنهنجو گهر ٻيهر تعمير ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي نئين زندگي کي ٻيهر تعمير جو بنياد رکيو. اها هڪ نئين شروعات هئي،” هوءَ چوي ٿي ۽ سندس اکيون ڳوڙهن سان چمڪي رهيون هيون.
گهر جي تعمير کانپوءِ جيئن ئي اهي پنهنجي نئين گهر ۾ رهڻ شروع ڪيو ته علي محمد پنهنجو درزي جو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪيو ۽ مورزادي، پنهنجي مڙس جي مددگار ٿي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو. مورزادي هن کان سلائي پڻ سکڻ شروع ڪيو آهي. خاندان جي بهتر جياپي لاءِ آمدني پيدا ڪرڻ شروع ڪئي. هينئر انهن جا ڏينهن سلائي مشين جي گونج ۽ پنهنجي زندگين کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي جوش ۽ جذبي سان ڀريل آهن.
مورزادي ۽ علي محمد سنڌ حڪومت جا شڪرگذار آهن، ته ان جي وقتائتي مدد سان اهي پنهنجي نئين گهر ۾ خوشيءَ سان رهڻ جي قابل ٿيا آهن ۽ انهن کي ٻيو دفعو پنهنجي گهر ۾ رهڻ جو موقعو مليو آهي. ” نئون ۽ محفوظ گهر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي اسان هميشه لاءِ شڪرگذار آهيون. حڪومت جي مدد اسان کي زندگي تي هڪ نئون موقعو ڏنو آهي.“ مورزادي چوي ٿي، سندس آواز جذبي سان ڀريل آهي.
#SindhPeoplesHousing #resillentcommunties #SRSO #SPHF Sindh People’s Housing For Flood Affectees Sindh Information Department


