
سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ ڪائونسل ايسوسيئيشن تحت مفت ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪري ڇڏي، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني
ڪراچي (12آگسٽ 2024) صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ ڪائونسل ايسوسيئيشن تحت مفت ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪري ڇڏي آهي. اڄ اسان لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي جو اسين پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خواب کي پورو ڪري رهيا آهيون. سنڌ لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن ۽ ايئر ڪرافٽ ڪمپني ASSL وچ ۾ سنڌ ۾ مفت ايئر ايمبولينس سروس جو معاهدو صوبي جي عوام کي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو. سنڌ ۾ گورنر جي تبديلي ۽ سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جون خبرون سوشل ميڊيا تي ڏسي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جو مقصد سنڌ ۾ پنجاب اندر قائم هڪ اعليٰ اداري جو ڪيمپس کولڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ لوڪل ڪائونسل ايسوسي ايشن ۽ اي ايس ايس ايل جي وچ ۾ ايئر ايمبولينس سروس معاهدي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ

جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته ايئر ايمبولينس منصوبو اهم آهي. جنهن سان مريضن کي گهوٽڪي-سکر خيرپور کان ڪراچي ايئر ايمبولينس ذريعي منتقل ڪيو ويندو. سعيد غني چيو ته اي ايس ايس ايل ايوي ايشن ۽ ٽنهي لوڪل ڪائونسلن وچ ۾ معاهدو ٿيندو. ڪراچي کان 6 ڪلاڪن جي مفاصلي تي شهرن مان مريضن کي آڻڻ مشڪل آهي. هاڻي ان سلسلي ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ٿي رهي آهي، اها هڪ ڪاميابي آهي. ان منصوبي سان اسان قيمتي جانيون بچائي سگهنداسين. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اڄوڪو ڏينهن خوشي جو ڏينهن آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو هي ويزن هو جيڪو پورو ٿي رهيو آهي. اڄ سنڌ ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ٿيڻ تمام اهم آهي. ناصر شاهه چيو ته لوڪل ڪائونسلز سنڌ ۽ اي ايس ايس ايل وچ ۾ ايئر ايمبولينس سروس جو معاهدو ٿي رهيو آهي. ناصر شاهه چيو ته صحافي جان محمد مهر تي جڏهن قاتلاڻو حملو ٿيو ته کيس سکر کان ڪراچي منتقل ڪرڻو هو، پر هن جي منتقلي ۾ وقت لڳي ويو، تنهنڪري سندس جان نه بچي سگهي. ناصر شاهه چيو ته هن ايئر ايمبولينس سروس کي حيدرآباد-ٿر-نوابشاهه لاڙڪاڻو ايئرپورٽ تائين به وڌايو ويندو. ناصر شاهه چيو ته بدين جي هوائي اڏن تي به ايئر ايمبولينس هلائڻ جو منصوبو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن سنڌ جي چيئرمين سيد ڪامل حيدر شاهه چيو ته سنڌ ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي پئي وڃي. ان ايئر ايمبولينس سان مريضن کي ڏکڻ پنجاب ۽ اتر سنڌ مان ڪراچي منتقل ڪري سندن زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته سنڌ جون ٽي ضلعي ڪائونسلون اي ايس ايس ايل ايوي ايشن ڪمپني سان معاهدو ڪري رهيون آهن. جنهن ۾ ڄاڻايل ڪمپني سکر-گهوٽڪي خيرپور ضلعي ڪائونسلن لاءِ هر مهيني 5 پروازون مفت ASSL هلائيندي. تقريب کي خطاب ڪندي ايئر ڪرافٽ سيلز اينڊ سروسز جي سي اي او اڪبر جعفري چيو ته اسان سڄي پاڪستان ۾ ايئر ايمبولينس سروس فراهم ڪري رهيا آهيون. هن وقت ملتان، رحيم يار خان، ڪوئيٽا، بلوچستان ۽ ٻين شهرن مان مريضن کي منتقل ڪيو پيو وڃي، هاڻي سکر کان ڪراچي تائين ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ان سروس سان سکر گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي مريضن کي ڪراچي منتقل ڪري سگهبو ۽ لوڪل ڪائونسل ايسوسي ايشن آف سنڌ سان معاهدي تحت اسان سهولتن سان ڀرپور جهاز جو بندوبست ڪيو آهي جنهن ۾ اسٽيچر، وينٽيليٽر، آڪسيجن، ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف موجود هوندو. بعد ۾ معاهدي تي صحيحن جي تقريب منعقد ڪئي وئي.
هينڊآئوٽ نمبر- 587 ايم ايس ايس


