پبلڪ هيلٿ ۾ ڊاڪٽوريٽ پروگرام جي شروعات، انٽري ٽيسٽ جو انعقاد

پبلڪ هيلٿ ۾ ڊاڪٽوريٽ پروگرام جي شروعات، انٽري ٽيسٽ جو انعقاد

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پبلڪ هيلٿ ۾ ڊاڪٽوريٽ ( پي ايڇ ڊي ) پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، پروگرام لاءِ انٽري ٽيسٽ 22 جنوري 2025 تي يونيورسٽي ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ 45 اميدوارن شرڪت ڪئي.

ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر فاطمه عابد موجب، ان پروگرام ۾ داخلا لاءِ 47 اميدوارن درخواست ڏني هئي، جن مان 45 کي ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو، هن ٻڌايو ته انٽري ٽيسٽ لاءِ اهليت جو شرط موزون مضمون ۾ ايم ايس/ايم فل جي ڊگري هئي، عوامي صحت، ايپيڊيميولوجي، هيلٿ پاليسي مئنيجمينٽ، ماحولياتي صحت، صحت جي نظام ۽ ڪميونٽي ميڊيسن ۾ تجربو رکندڙ اميدوارن کي ترجيح ڏني ويندي.
وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ اميدوارن جي دلچسپي ۽ داخلا جي شفاف عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پروگرام يونيورسٽي جي اعليٰ تعليمي معيار ۽ عوامي صحت جي بهتري جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو.

اپپنا انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ جي سربراهه پروفرسر ڊاڪٽر امنه ريحانه صديقي چيو ته پبلڪ ۾ پي ايڇ ڊي پروگرام جي شروعات صوبي ۾ عوامي صحت جي تحقيق ۽ عملي شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان امتحاني مرڪز جو دورو ڪيو ۽ امتحاني انتظامن جو جائزو ورتو، هن ايڊميشن سيل طرفان امتحان جي ڪامياب انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سندن ڪوششن کي ساراهيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں