) شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻو جي گائني وارڊ ٽو جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو فيسٽولا جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ميڊيا کي بريفنگ چيو آهي ته فيسٽولا جي بيماري بدقسمتي سان ترقي پذير ملڪن ۾ رهندڙ عورتن جي اهڙي بيماري آهي جنهن کان بچي سگهجي ٿو ۽ ان جو بهتر علاج به ممڪن آهي پر سجاڳي نه هئڻ سبب هي مرض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي،


لاڙڪاڻو( رپورٹ محمد عاشق پٹھان) شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻو جي گائني وارڊ ٽو جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو فيسٽولا جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ميڊيا کي بريفنگ چيو آهي ته فيسٽولا جي بيماري بدقسمتي سان ترقي پذير ملڪن ۾ رهندڙ عورتن جي اهڙي بيماري آهي جنهن کان بچي سگهجي ٿو ۽ ان جو بهتر علاج به ممڪن آهي پر سجاڳي نه هئڻ سبب هي مرض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، دنيا ۾ هر سال تقريبن 40 لک عورتون هن موذي مرض جو شڪار ٿي الڳ رهڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون. جڏهن ته پاڪستان ۾ تقريبن هر سال 4 کان 5 هزار عورتون هن بيماري جو شڪار ٿي وڃن ٿيون جنهن جا ڪارڻ معاشرتي اڻبرابري، مدي خارج رسمون رواج، غربت، تعليم جي گهٽتائي، فيملي پلاننگ جون سهولتون نه هجڻ، صحت واري عملي کي تربيت به هئڻ ۽ علائقائي سطح تي بنيادي سهولتون نه هجڻ آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ ڪيترين ئي بيمارين ۽ معاشرتي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اقوام متحده طرفان عالمي ڏهاڙا منعقد ڪري عوامي سجاڳي ۽ شعور اجاگر ڪيو ويندو آهي، فيسٽولا جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هي ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي مقصد فيسٽولا ۾ مبتلا عورتن کي ڳولهي انهن جي زندگين کي ڪامياب علاج ذريعي بدلائڻ آهي. هي بيماري عورت جي ويم دوران گهڻو وقت لڳڻ، ٻار جو پيٽ اندر ڦاسي پوڻ جي ڪري پيشاب ۽ پاخاني جي ٿيلهين ۾ سوراخ ٿيڻ سان مسلسل پيشاب ۽ پاخانو وهندو آهي جنهن سان هزارتين عورتون هر سال هن بيماري ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿيون، هر سال هن شرمناڪ بيماري جي ڪري معاشر کان ڌار ٿي اڪيلائپ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿين ٿيون ۽ عورتن کي برابري جو مقام حاصل نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي اهڙن مريضن کي گهر ڀاتين طرفان گهربل طبي سهولتون ڏياريون وينديون آهن. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ حمل ٿيڻ کان پوءِ 9 مهينن تائين عورت جو ڪو به گهر ڀاتي سارسنڀال نه ٿو لهي ۽ نه ئي ان جو مناسب علاج ڪرايو وڃي ٿو جنهن ڪري اڪثر عورت رت جي گهٽتائي، جسماني ڪمزوري ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿيون جيڪي بيماريون عورت جي ويم دوران اثرانداز ٿين ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ فيسٽولا جا 9 سينٽر موجود آهي جن مان هڪ سينٽر شيخ زيد وومين اسپتال لاڙڪاڻي ۾ آهي جتي فيسٽولا بيماري ۾ مبتلا عورتن جو مفت آپريشن ڪرڻ سان گڏ علاج به ڪيو ويندو آهي جتي نه صرف لاڙڪاڻي ڊويزن پر بلوچستان جي مختلف شهرن توڙي ٻهراڙين سان واسطو رکندڙ مريض جو به علاج ٿيندو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي مان هڪ سرجن آهيان جڏهن ته عملي ۽ سهولتن جي شديد کوٽ هئڻ سبب مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ان لاءِ حڪومت کي گهرجي ته فيسٽولا جي لاءِ هڪ الڳ سينٽر ٺاهي سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن لاڙڪاڻي توڙي آسپاس جي علائقن ۽ بلوچستان مان ايندڙ مريضن جو بهتر کان بهتر علاج ٿي سگهي جيئن اهڙيون عورتون بهتر زندگي گذاري سگهن. ان کان اڳ فيسٽولا جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شيخ زيد وومين گائني يونٽ ٽو ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ يونٽ جي انچارج پروفيسر ڊاڪٽر فوزيه ڪاشف، اسسٽنٽ پروفيسر فوزيه چانڊيو سميت ليڊي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻئي عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو.
======================

اپنا تبصرہ بھیجیں